Friday , April 26 2024

گڏيل اپوزيشن جو اسلام آباد ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف احتجاج، شهباز شريف شريڪ نه ٿيو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف نـُون ليگ، پ پ ۽ ايم ايم اي سوڌو اپوزيشن جماعتن اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آڏو احتجاج ختم ڪندي سڀاڻي صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيسز آڏو مظاهري جو اعلان ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ مخالف پارٽين 2018ع جي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کان ٻيهر استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. نواز ليگ، پاڪستان پيپلز پارٽي، متحده مجلسِ عمل سميت ٻين هم خيال پارٽين جي سڏ تي اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. هم خيال پارٽين جي احتجاج ۾ راجا ظفر الحق، مشاهد الله خان، نهال هاشمي، مشاهد حسين سيد، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، نويد قمر، فرحت الله بابر، محمود اچڪزئي، مولانا فضل الرحمان، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ زاهد حامد سميت ٻين شرڪت ڪئي، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن خلاف نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ذريعي هڪ پارٽي کي کٽرايو ويو، هٿ ٺوڪين فيصلن سان قوم کي ڳرو نقصان ٿيندو. هن چيو ته هو دنيا کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اڄ پاڪستان جو تاريخي ڏينهن آهي، سموري قوم چونڊ نتيجن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته هو چونڊ نتيجا تبديل ڪندڙن کي ٻڌائڻ گهرن ٿا ته سڄي قوم هٿ ٺوڪئي فيصلي خلاف روڊن تي نڪتل آهي. ايم ايم اي سربراهه چيو ته جمهوريت تي راتاهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن ناڪام ٿي چڪي آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته هو اسلام آباد ۾ ڪنهن کي گاريون ڏيڻ لاءِ گڏ ناهن ٿيا، پر هو سندن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عام چونڊن ۾ پري پول ڌانڌلي ڪئي وئي، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ٿي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. شيري رحمان چيف اليڪشن ڪمشنر کان هڪ ڀيرو ٻيهر استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ڌانڌلي ذريعي جوڙيل حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائيم ڏيندي. هن چيو ته هو جمهوريت جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، عوامي راءِ تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته اليڪشن ڪميشن صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ واري ذميواري پوري ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. هن چيو ته نواز ليگ قيادت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو، پر اليڪشن ڪميشن آئين گهرجن جو جواز ڄاڻائي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته، عوام عام چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، نواز ليگ کي شڪست ڏيارڻ لاءِ پارٽي قيادت کي جيل ۾ بند ڪرايو ويو.هن چيو ته نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جيل ڀوڳي رهيا آهن، جڏهن ته نيب ذريعي ليگي قيادت خلاف انتقامي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *