Friday , April 19 2024

گوجرانوالا: مشرف پاڪستان جو ستياناس ۽ آصف زرداري سوا ستياناس ڪيو، ن ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪراچي مقتل گاهه ۽ ۽ باقي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم هو: خواجا سعد رفيق

گوجرانوالا: وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پيپلزپارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان جو ستياناس ۽ آصف زرداري سوا ستياناس ڪيو، نوازليگ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ڪراچي مقتل گاهه بڻيل هو ۽ باقي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم هو، هڪ زرداريءَ جي ڀٽو ٿيڻ واري ڳالهه اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي، بلاول جي پنجاب ۾ اچڻ تي سندس آجيان ڪيون ٿا ۽ اسان به جلد سنڌ جو رخ ڪرڻ وارا آهيون. گجرانوالا ۾ وڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سعد رفيق پيپلزپارٽي جي قيادت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته زرداري جي سنڌ حڪومت کي ڪراچي آپريشن ڪڏهن به ڀانءِ نه پيو آهي، ڪنگال ڪيل پاڪستان کي اسان پنهنجن پيرن تي بيهاريو آهي. سعد رفيق جو چوڻ هو ته 2013ع ۾ ملڪ اندر ڪٿي به بجلي موجود نه هئي، ڪارخانا به تقريبن بند ٿي ويا هئا، ملڪ جي ناڻي وارا ذخيرا ختم ٿيڻ تي هئا ۽ اها پاليسي هلي رهي هئي ته لٽيو ۽ ڀڄي وڃو پر هاڻي صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان کي به سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڪوڙڻ جو بادشاهه قرار ڏيندي چيو ته عمران کين موٽو گينگ سڏي رهيو آهي پر اسان کيس لمبو گينگ نه سڏينداسين. هن چيو ته جنهن جي ملڪيت ۽ اولاد بي نامي هجي اهو ٻين تي ڪهڙي منهن سان تنقيد ڪري رهيو آهي. سعد رفيق جو چوڻ هو ته اسان تي تنقيد ڪندڙ ڀلي تنقيد ڪن، اپوزيشن به ڪن پر دشمني ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نوازشريف ان ڪري خراب لڳي ٿو جو هن ڪنهن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو آهي. خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته اوهان ڀلي ڪوششون جاري رکو، نوازشريف جي زندگيءَ جي ڪتاب ڪا سمورا صفحا پورا آهن. هن چيو ته شهباز شريف پنهنجي صوبي جي شڪل تبديل ڪري ڇڏي آهي، تنقيد ڪندڙ ٻڌائين ته انهن پنهنجن صوبن ۾ ڇا ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *