Tuesday , April 16 2024

گوادر: هٿياربندن جي فائرنگ، ڪنڊيارو واسي 9پورهيت شهيد، شهيدن جا مڙھ اباڻي ڳوٺ پهچايا ويا

piks

ڇنڇر ڏينهن اڻسڃاتل هٿياربندن گوادر جي هڪ هوٽل تي فائرنگ ڪري ڪنڊياري واسي 9 پورهيتن کي شهيد ڪري ڇڏيو. مقامي ماڻهن موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 پورهيت ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، جنهن بعد ٻين زخمين کي اسپتال نيو پي ويو ته اُهي رستي ۾ ئي شهيد ٿي ويا، جنهن بعد شهيد پورهيتن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو. شهيدن جي جنازي نماز گوادر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪورڪمانڊر ۽ ايف سي آفيسرن به شرڪت ڪئي

مڪران جي ڪمشنر بشير بنگلزئي ميڊيا کي ٻڌايو ته، پورهيتن تي هٿياربندن جي حملي وارو واقعو گوادر جي علائقي پشڪان ۾ پيش آيو آهي. ڪمشنر موجب هٿيار بند پورهيتن تي فائرنگ ڪري ڀڄي ويا.

 هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب، شهيد ٿي ويل پورهيتن واري واقعي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد قادر بخش ان اداري جي نمائندي کي ٻڌايو ته “ ٻه حملو ڪندڙ هٿيار ب ند پشکان واري پاسي کان آيا ته مان انهن کي اڳتي وڃي ٻڌايو ته، سمورن مزدورن جو واسطو سنڌ سان آهي، آءُ جڏهن اها ڳالھ انهن کي بلوچي ۾ ٻڌائي ته انهن مونکي چيو سائيڊ تي ٿي وڃ” پورهيت خابرو اداري کي وڌي ٻڌايو ته، “ هٿياربندن جي چوڻ تي هُو پاسي تي ٿي ويو، جنهن بعد هٿياربندن پورهيتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري مٿن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني”.

ان پورهيت پرڏيهي خابرو اداري کي اهو به ٻڌايو ته، “ انهن کي اُتي ڪم ڪندي تقريبن ڏيڍ سال ٿي ويو آهي، پر نه اڳ کين ڪا سيڪيورٽي مليل هئي ۽ نه وري هاڻي ڪو اهڙُوآسرو آهي”.

piks

ڳوٺ محمد صديق لاکو واسي شهيد پورهيتن ۾ رسول بخش، ڪوڙل، محمد جڙيل، ظهير، آصف ۽ ٻيا شامل آهن. مارجي ويل سمورن پورهيتن بابت چيو پيو وڃي ته اُهي ڪجھ عرصو اڳ پورهيو ڪرڻ لاءِ گوادر ويا هئا. ٻي طرف ليويز اختيارين ان ٺيڪيدار کي حراست ۾ ورتو، جنهن وٽ شهيد پورهيت مزدوري ڪندا هئا، جنهن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ بعد کيس ڇڏي ڏنو.

ٻئي پاسي ليويز اختيارين موجب واقعي کانپوءِ ايف سي، پوليس ۽ ليويز جا اهلڪار پهچي ويا، شهيدن جي جنازي نماز گوادر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪورڪمانڊر ۽ ايف سي آفيسرن به شرڪت ڪئي، گوادر ۾ اهو حملو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن وزيراعظم چئني صوبن جي وڏن وزيرن سان گڏ سي پيڪ جي حوالي سان چين جي دوري تي آهي، بلوچستان جي گهرو وزيرجو چوڻ هو ته اهو حملو ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ کان فنڊ وٺندڙ دهشتگردن ڪيو آهي، ”را“ کان مدد وٺندڙ دهشتگرد پاڪستان جي ترقي نٿا چاهين، مزدورن تي حملو بزدلي آهي، دهشتگردن ڪنهن پورهيت کي سنڌي، پنجابي يا بلوچي سمجهي ناهي ماريو پر پاڪستانين کي شهيد ڪيو آهي، دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، هوڏانهن فرانسيسي خابرو اداري موجب واقعي جي ذميواري ڪالعدم بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي آهي، گوادر واقعي بعد ڪوئيٽا ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بلوچستان ۾ تازو ٻن ڏينهن اندر ٿيل حملن جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر سدرن ڪمانڊ به شرڪت ڪئي، گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته واقعي ۾ غير ملڪي هٿ ملوث آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *