Friday , April 26 2024

گهوٽڪي پوليس جون مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 26 ڏوهاري گرفتار

خانپور مهر ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار نيوز) گهوٽڪي ضلعي جي پوليس خانپور مهر سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل اشتهاري جوابدارن سميت 26 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.  ميرپورماٿيلو ، اوٻاوڙو، ڏهرڪي ،کنڀڙا ،گيمڙو، خانپورمهر ۽ ٻين علائقن ڪاروائي اشتهاري صوبو بوذادر، ابراهيم بوذادر،نعيم الله جٽ،يوسف ملڪ ۽ ڏهرڪي مان روپوش پپو ميگهوڙ کان 96 شراب جون بوتلون سميت گرفتار ڪيوويو جڏهن ٻين رپوش ۾ محمد اسلم ، شاهد ملڪ،علم دين ملڪ ،صفدر،محمڊ ستار ، شوڪت علي سومرو، مشتاق ملڪ ، انجم ، غلام نبي ، شوڪت ملڪ، عبدلرشيد دايو، منير ملڪ ، اڪبر شيخ ، پنجل شيخ ،نادر ميراڻي سميت ٻيا شامل آهن .ايس ايس پي گهوٽڪي معسود بنگش  جو چوڻ آهي ته گرفتارٿيل وٽان هٿيار ، شراب جون بوتولن ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو گرفتار ٿيل ڏوهارين تي قتل ، ڦر ، ڌاڙي ، سميت ٻين ڪيسن ۾ گهربل آهي .گهوٽڪي ضلعي جي پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيو آهي ڏوهارين کي گرفتار ڪندڙ پوليس پارٽين لاءَ انعام جون پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

خانپورمهر: ڳوٺاڻن جو بااثر پاران زمين تي قبضي خلاف احتجاج

خانپورمهر ڳوٺ واهي گهوٽو واسين جو زمين جي مبينه  قبضي خلاف احتجاجي مظاهروڪيو. ڳوٺ واهي گهوٽو رهواسين فهد ڌاريجو، زبيرڌاريجو ، علي ڌاريجو ۽ ٻين تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو،احتجاج ڪندڙ چيو ته ديهه ڊرٻ ۾ واقعي ٻه ايڪڙن زمين تي بااثر وڏيري محمد حسن ڌاريجو ۽ ٻين قبضو ڪيو آهي زمين تي هٿياربندن ويهاري ڇڏيا آهن اسان کي ڪوڙا ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا ، هنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو ته زمين جي قبضي ختم ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪرايو وڃي .

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *