Saturday , April 20 2024

گهوٽڪي: پراسرار طور گم ٿيل 5 ڄڻن کي آسمان ڳهي ويو يا زمين کائي وئي

Ghotki missing persons

گهوٽڪي مان گم ٿيل سکر جي معصوم ٻالڪ ۽ گهوٽڪي جي چئن نوجوانن جا گهر اجڙيل، وارثن هيل به عيد ڏينهن پنهنجن پيارن جي اوسيئڙي ۾ لڙڪ لاڙيندي گذاري ڇڏي، ٻالڪ يوسف ميراڻي، نوجوان شبير قمبراڻي، حاڪم سمون، رشيد لنڊ ۽ عبدالقيوم اوڳاهي 2010ع کان گم آهن، جن جي وارثن سان ڪنهن به چونڊيل نمائندي تڏي تي اچي ٻه اکر همدردي جا ناهن چيا، مختلف عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ بهاڃا تائين ڪو کڙتيل ناهي نڪري سگهيو.

گهوٽڪي ضلعي مان گم ٿي ويل ماڻهن باابت گڏ ڪيل تفصيلن موجب، اوٻاوڙو جو رهواسي انساني حقن جو ڪارڪن شبير قمبراڻي پنهنجي ڊرائيور سميت 2 سيپٽمبر 2010ع تي اسلام آباد مان پنهنجي گهر عيد ملهائڻ لاءِ ايندي پنجاب جي مظفرآباد علي پور صدر ٿاڻي جي حدن مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو. شبير قمبراڻي سوئي سدرن ڪمپني ۾ ملازم به هو، سندس ڀائيٽي احسان قمبراڻي ٻڌايو ته 7 سال گذري ويا آهن پر چاچا جو ڪو پتو ناهي پيو. هن ٻڌايو ته چاچا کي مبينا طور تي اغوا ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار اسلم سمالاڻي مچ جيل ۾ آهي، ٻيو عزيز سمالاڻي روپوش آهي، اهي ٻئي ڄڻا اسلام آباد مان چاچا سان ٻي گاڏي ۾ گڏ هئا جيڪي چاچا سان هڪ ٺيڪي ۾ ڀائيوار پڻ هئا. شبير قمبراڻي جي ڀائٽيي جو چوڻ آهي ته پوليس انهن مٿان چاچا کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ڏيکاري رهي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان لاپتا ٿيل ماڻهن جي لاءِ ڳولا لاءِ جوڙيل ڪميشن فار مسنگ پرسنس ۾ به چاچا جو ڪيس هلي پيو. شبير قمبراڻي جي لاپتا ٿيڻ بعد سندس گهر ڀاتي رلي ويا آهن، سندس گهرواري مسمات صدره، هڪ نياڻي ثمينه، ريحان، ذيشان ۽ ڪامران بي سهارا بڻيل آهن.

missing

گهوٽڪي ضلعي جو ٻيو نوجوان عبدالقيوم اوڳاهي 8 آگسٽ 2010ع تي ڪراچي کان پنهنجي ڳوٺ مٺڻ اوڳاهي ڀرسان سرحد ايندي سکر مان لاپتا ٿي ويو، سندس موبائيل جي ٽريسنگ بعد شڪارپور ضلعي جي تعلقي مديجي ڳوٺ ڳاهيجا ۾ سندس آخري دفعو هجڻ جو ڏس مليو. سندس ڀاءُ علي حسن اوڳاهي مقامي صحافين کي ٻڌايو ته، پوليس جاچ بعد واقعي جو ڪيس ڳاهيجا جي رهواسي سيد جمن شاهه سندس گهرواري ۽ هڪ ٻي عورت ڪلثوم سومرو جي خلاف داخل ڪيو. واقعي بابت جي آءِ ٽي پڻ جوڙي وئي، جي آءِ ٽي به ساڳين جوابدارن جي خلاف موثر جاچ جي سفارش ڪئي پر هن وقت تائين ڀاءُ جو ڏس پتو ناهي پيو. هن ٻڌايو ته عبدالقيوم اوڳاهي کي چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، عبدالقيوم پلمبر هو ۽ ملڪ توڙي پرڏيهي ملڪن ۾ پورهيو ڪندو هو، سندس لاپتا ٿيڻ بعد سندس والد ۽ والده وقفي وقفي سان پٽ کي ساريندي صدمي ۾ فوت ٿي ويا. سندس وني ۽ ٻار هر پل کيس سارين ٿا.

گهوٽڪي صلعي جي خانپور مهر تعلقي جي ڳوٺ لنڊ بازار جو رهواسي رشيد لنڊ کي گم ٿئي 7 سال گذري ويا آحن پر سندس ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، رشيد لنڊ جي گهر ۾ ته ڏکن ۽ روٺ راڙي ڄڻ ديرو ڄمائي رکيو آهي. سندس اغوا جو ڪيس سندس ڀاءُ رفيق احمد لنڊ جي فرياد تي لنڊ برادري جي جوابدارن جي خلاف خانپور مهر ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، رشيد احمد لنڊ جا ٻه معصوم پٽ آهي سندس ڀاءُ رفيق احمد لنڊ جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀاءُ کي لنڊ برادري جي جوابدارن آگسٽ 2010ع ۾ اغوا ڪيو، واقعي جو ڪيس دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت ۾ هلندڙ آهي، جڏهن ته سکر جي رهواسي پورهيت عبدالڪريم ميراڻي جو پنجن سالن جو ٻالڪ محمد يوسف ميراڻي 3 اپريل 2010ع تي گهوٽڪي جي ميراڻي پاڙي ۾ برادري جي شادي جي ڪاڄ ۾ اچڻ بعد پيءُ سان گڏ ريلوي اسٽيشن گهوٽڪي ڀرسان خانپور مهر بس اڏي وٽ هڪ سيلون آيو،  جتي سندس والد شيو ڪرائڻ لاءِ ويٺو ته ٻالڪ ٻاهران گهمندي کيڏندي لاپتا ٿي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *