Friday , March 29 2024

گهوٽڪي واسڻ هندو شاگردياڻي نمرتا جو لاش، يونيورسٽي انتظاميا جو مبهم موقف

گهوٽڪي واسڻ هندو شاگردياڻي نمرتا جو لاش، يونيورسٽي انتظاميا جي مبهم موقف شڪ وڌائي ڇڏيا

لاڙڪاڻو(رپورٽر سنڌ سماءَچار) سومر ڏينهن ٻن پهرن جو لاڙڪاڻي جي ڊينٽل ڪاليج مجي هاسٽل نمبر 3 جي روم نمبر 47 مان فائينل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا ڌيءُ جئه پال داس جو لاش هٿ اچڻ جو اطلاع مليو، اطلاع تي پوليس پهتي ته ۽ لاش تحويل ۾ وٺي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس توڙي يونيورسٽي انتظاميا اڃا تائين اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته، نمرتا جو لاش ڪهڙي حالت ۾ مليو؟ ڪمري جي حالت ڪهڙي آهي. ڪمري ۾ پيل شيون ڪهڙي حالت ۾ هيون؟ انتظاميا يا پوليس کي نمرتا جي لاش ملڻ جو اطلاع ڪنهن ڏنو يا انتظاميا کي خبر ڪيئن پئي؟ اهي اهڙا عام سوال آهن جن جي معلومات ڏيڻ ابتدائي جاچ جو حصو هجڻ گهرجن پر يونيورسٽي انتظاميا اڃا سوڌو اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. لاش ملڻ جي اطلاع بعد نرمتا جو مڙهه چانڊڪا پهچايو ويو، جتي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انيلا عطاءُ الرحمن پهتي ۽ هن ميڊيا کي ٻڌايو ته، نمرتا جي ڳچي / ڪنڌ تي نشان آهن جنهن مان لڳي ٿو ته هن آپگهات ڪئي آهي. معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وي سي ڊاڪٽر انيلا ميمڻ ٻڌايو ته شاگردياڻي نمرتا آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ فائينل ايئر ۾ پڙهندي هئي ۽ هوءَ آخري سال جي امتحانن جي تياري جي سلسلي ۾ هاسٽل روم ۾ اڪيلي رهندي هئي.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته، معاملي جي جاچ ڪريون پيا، شاگردياڻين سميت . شهيد بينظير يونيورسٽي جي انتظاميه نمرتا جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي شاگردياڻين سميت ڪجهه ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، سندس چوڻ آهي ته اي ايس پي سٽي محمد ڪليم ملڪ، آصفه ڊينٽل ڪاليج جي وقتي پرنسپال شاهد ميراڻي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پروفيسر ڪي داس کي شامل ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم لاءِ 4 رڪني بورڊ به جوڙيو ويو، ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ آهي ته نمرتا جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري 2 جزا ورتا ويندا، هڪڙا جزا لاڙڪاڻي ۾ ئي چڪاسيا ويندا، ٻيا ڪراچي اماڻيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *