Saturday , April 20 2024

گهوٽڪي:عادلپور ۾ پورهيت جي نياڻي جانور صفت جوابدارن پاران وحشت جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش، صدمي ۾ ناري جو سئوٽ فوت

rape 02

گهوٽڪي(زوهيب ڪمال پٺاڻ) عادلپور لڳ جانور صفت جوابدار نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد کيس ڪپڙن کان آجو ڇڏي ڀڄي ويا. ڀيڻ سان گڏ گاهه ڪرڻ لاءِ ويل ثانيا چاچڙ کي ٽن جوابدارن اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو، نياڻي جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون جانور صفت جوابدارن کي روڪي نه سگهيون. وارثن جو انصاف لاءِ  متاثر نياڻي سميت عادلپور ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪيو، پوليس پاران جوابدارن کي مختلف بهانا ڪري بچائڻ جي ڪوشش. پوليس جي ٽال مٽول ڏسي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج، صدمي ۾ متاثر نينگري جو سئوٽ فوت. ڳوٺ ۾ ٻن ڏکوئيندڙ واقعن سبب قيامت جو منظر ڳوٺ ۾ دردن جو راڪاس، ايس ايس پي گهوٽڪي جو نوٽيس ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي معطل، 2 جوابدار به گرفتار. “روز مرڻ کان هڪڙو مرڻ بهتر هيو، منهن کڻڻ لائق ناهيان، متاثر نياڻي ميڊيا آڏو سڏڪي پئي”.

گهوٽڪي مان سنڌسماءَچار جي ض:عي رپورٽر زوهيب ڪمال پاٺاڻ جي خبر موجب عادلپور ويجهو عادلپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ وريام چاچڙ ۾ افسوسناڪ ۽ دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو آهي. جنهن ۾ بااثر جوابدارن هڪ معصوم 14 سالن جي نياڻي ثانيا چاچڙ ڌي محمد نواز چاچڙ کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس ڪپڙن کان آجو ڪري ڦٽو ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو آهي، تفصيلن موجب متاثر نياڻي ثانيا پنهنجي ڀيڻ سليمت چاچڙ سان گڏ گاهه ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ٻاهران ٻنيءَ ۾ پهتي ته ڀرواري ڳوٺ جي بااثر جوابدارن شوڪت چاچڙ، شبير چاچڙ ۽ علي گوهر چاچڙ کيس اغوا ڪري پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو.

rape 01

ان دوران متاثر نياڻي جوابدارن کي عزت بچائڻ خاطر منٿون، ايلاز ۽ قرآن پاڪ جا واسطا ڏيندي رهي، پر جوابدارن کي ڪا به ڪهل نه آئي، جڏهن ته متاثر نينگري جي ڀيڻ جي اطلاع توڙي زيادتي جو شڪار ٿيل ثانيا چاچڙ جي اڀ ڏاريندڙ رڙين تي سندس ڀاءُ امداد چاچڙ ۽ ٻيا وارث واقعي واري هنڌ پهتا ته جانور صفت جوابدار ثانيا جا ڪپڙا به پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا ۽ حوا جي ڌيءَ کي ڪپڙن کان آجو ننگي حالت ۾ ڦٽو ڪري ڀڄي ٿي ويا. پنهنجي وارثن آڏو ننگي حالت ۾ پيل معصوم ثانيا موت قبولڻ لاءِ تيار ٿي وئي، پر سندس وارث ثانيا کي ڪپڙو اوڍائي فوري طور عادلپور ٿاڻي تي کڻائي ويا، جتي عادلپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او توڙي ٻئي عملي سندس داد رسي نه ڪئي، جنهن بعد ناري جا وارث سڌو ايس ايس پي آفيس ٻاهران پهتا ۽ انصاف لاءِ دانهون ڪندا رهيا. ان دوران صدمي ۾ نياڻي ثانيا جي سئوٽ محمد موسيٰ چاچڙ کي دل جو دورو پيو، جنهن کي گهوٽڪي اسپتال نيو پئي ويو ته هو زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. اهڙي طرح ثانيا جا وارث ڪٿان به انصاف نه ملڻ ڪري فوتي شخص جو لاش کڻائي واپس پنهنجي ڳوٺ موٽي آيا، جتي ٻن ڏکوئيندڙ واقعن ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو. هڪ طرف ثانيا چاچڙ جي آهه زاري ته وري ٻئي پاسي صدمي ۾ فوت ٿيل موسيٰ چاچڙ جو موت ڳوٺ قيامت صغرا جو منظر پيش ڪرڻ لڳو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *