Friday , April 19 2024

گم ٿيل ٻارڙن جي هٿ اچڻ تائين پوليس کي سُک سان ويهڻ نه ڏبو: جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ٻارڙن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، جيستائين گم ٿيل ٻارڙا هٿ نه ايندا ايستائين پوليس کي سک سان ويهڻ نه ڏينداسين، ٻارڙن کي هر حالت ۾ هٿ ڪيو وڃي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ بئنچ گم ٿيل ٻارن بابت درخواستن جي شنوائي دوران پوليس عدالت آڏو ٻارڙن جي گم ٿيڻ وارن واقعن بابت رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته، گم ٿي ويل 22 ٻارن مان 2 ٻارن کي هٿ ڪيو ويو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پوليس ٻين ٻارن کي بازياب ڪرائي ته کين شاباشي ڏينداسين. ايس ايس پي عرفان بهادر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڊي آءِ جي سي آءِ اي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، 2014 کان هن وقت تائين 129 ٻارن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ٻارن کي بازياب ڪرائڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي. جسٽس نعمت الله رمارڪس ۾ چيو ته گم ٿيل ٻارن وارو معاملو خطرناڪ آهي، سندن والدين سخت پريشان آهن. عدالت ٻارن جي بازيابي بابت ٽن هفتن ۾ اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *