Saturday , April 20 2024

گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي  ڀرسان ڌماڪو، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت، 24 ڄڻا ڦٽجي پيا

گلشن اقبال جي مسڪن چورنگي  ڀرسان زوردار ڌماڪو، ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي دوڪان ۽ فليٽس تباهه ٿي ويا

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ زوردار ڌماڪو، ٻن عورتن سوڌو 5 ڄڻا فوت، فوتين ۾ ٻه سيڪيورٽي گارڊز شامل، 24 ڄڻا ڦٽجي پيا، ڦٽيل ماڻهن ۽ فوتين جا لاش مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جن مان 3 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڊي جي رينجرز ڌماڪي واري هنڌ پهچي علائقي جو معائنو ڪيو. گلشن اقبال جي ڳتيل آبادي ۽ مصروف علائقي مسڪن چورنگي جي ڀرسان سان هڪ رهائشي عمارت جي گرائونڊ فلور تي قائم بازار جي هڪ دوڪان اندر ڌماڪو ٿيو، صبح جو 9 کان ساڍي نائين وڳي دوران ٿيل ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو فوت ۽ 24 ماڻهوڍ ڦٽجي پيا، علائقي واسين جي اطلاع ايڌي سميت ٻين سماجي تنظين جون ايمبولينسز واقعي واري هنڌ پهچي وين، جن زخمين کي عباسي شهيد اسپتال ۽ جناح اسپتال منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾  ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا شامل آهن، مارجي ويل ٻه ڄڻا عمارت ۾ قائم نجي بئنڪن جا سيڪيورٽي گارڊ آهن. بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو چا جو هو ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. متاثر عمارت جي رهائشي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو زوردر هو، ڪيترائي فليٽ تباهه ۽ اڪثر فليٽس جا شيشا ڀڄي پيا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو زوردار هو، جيڪو گلشن چورنگي، ۽ مبينا ٽائون ٿاڻي واري علائقي تائن ٻڌو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري تڪڙي پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ سنڌ پوليس ۾ طوفان ڇو آيو؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *