Friday , March 29 2024

گستاخ خاڪن جو معاملو يورپي ملڪن جي عوام کي سمجهائڻو پوندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن واري معاملي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مسلمان سڀني مذهبن جو احترام ڪن ٿا پر اهو ڇا ڪارڻ آهي جو يورپي ملڪن جا اڪثر ماڻهو اسلام ۽ اسان جي نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي گستاخي ڪندا رهن ٿا، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جنهن اڄ تائين ان معاملي تي عالمي سطح تي ڪو مضبوط ۽ اثرائتو ڪردار ادا ناهي ڪيو ان کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت ڪوشش ڪندي، اسان اهو معاملو پنهنجي طور تي به گڏيل قومن جي پليٽفارم تي کڻنداسين. سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز پاران هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن جي خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هالينڊ ۾ هن سال جي آخر ۾ گستاخ خاڪن جو مقابلو ٿي رهيو آهي،  ڪو به مسلمان توهين پيغمبر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت هالينڊ جي سفارتخاني کي گهرائي ان کان احتجاج ريڪارڊ ڪرائي ۽ او آءِ سي جو اجلاس گهرائي ان جي مذمت ڪئي وڃي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته، حڪومت هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن جي مقابلن وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو آهي. سينيٽ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي وزير اعظم عمران خان گستاخ خاڪن وارو معاملو گڏيل قومن ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اولهين ذهنيت کي سڃاڻان ٿو، اُتان جي عوام کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي، هو آزادي جي اظهار جي نالي تي ان کان پوئتي نه هٽندا.  عوام جي وڏي انگ کي خبر ئي ناهي ته اسان جي دلين ۾ نبي لاءِ ڪيترو پيار آهي، هنن کي خبر ناهي ته هو ڪيتري قدر اسان کي تڪليف ڏيندا آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته هن معاشري ۾ فتنو ۽ جذبا ڀڙڪائڻ آسان آهي، اولهه ۾ اُهي ماڻهو جيڪي مسلمانن کان نفرت ڪندا آهن انهن جي لاءِ اِهو گهڻو آسان هوندو آهي. عمران خان چيو ته اسان کي پنهنجي حڪومت ۾ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته او آءِ سي کي ان تي متفق ڪيون. ان شئي جو هر هر ٿيڻ مجموعي طور تي مسلمانن جي ناڪامي آهي، گستاخ خاڪن واري معاملي تي او آءِ سي کي متحرڪ ڪرڻو پوندو ۽ ان تي او آءِ سي کي پاليسي بڻائڻ گهرجي، اها دنيا جي ناڪامي آهي ان ڪري مسلمان دنيا هڪ شئي تي ٿئي ۽ پوءِ ٻڌائي ته اسان کي ڪيتري تڪليف آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *