Thursday , March 28 2024

جي ڊي اي پاران پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت – اختر مينگل جو پي ٽي آءِ سان لکت ۾ معاهدو- اصغر آزاد

اگسٽ مهيني جي نائين تاريخ به عجيب تاريخ آهي، وڏڙا ٻڌائين ٿا ته؛ هڪ ڀيري 9 اگسٽ تي بلوچستان ۾ آپريشن ٿيو. ٻي نائين اگسٽ وري منهنجي ٽهي کي ڪجهه پڪي ڪجهه ڪچي ياد آهي. ان اگسٽ بابت مونکي ائين ياد آهي جو، هڪ ڏينهن شام جو بابا سائين (ڪامريڊ ممتاز شر)، زور زور سان چيو هو، گهران وڃي ڳاڙها جهنڊا ۽ مانجهاندڙي واريون لڪڙيون(جهنڊن لاءِ) کڻي اچي، ٿوري دير کانپوءِ اهي آڻي ڏنا، ته ڪاري ڪپڙي تي ”شهيد نظير عباسي کي سرخ سلام “ ۽ صبح جو ڳوٺ مان ڪجهه ماڻهو جهنڊن سميت پڪاچانگ شهر روانا ٿي ويا هئا. امان کان پڇيو ته ان ٻڌايو هو” ڪو ڪامريڊ شهيد ٿي ويو آهي“. ٽئين نائين اگسٽ وري اکين اڳيان پئي آهي، جيڪا ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ 10 اگسٽ ۾ تبديل ٿي ويندي.

اربع 8 اگسٽ جي رات جو لڳ ڀڳ پوڻين 12 هين وڳي خبر مانيٽرنگ تان کڻي هلائي ته، ” پي ٽي آءِ سردار اختر مينگل سان سندس 6 نقطن تي لکت ۾ معاهدو ڪري ڇڏيو آهي ۽غ اختر مينگل پي ٽي آءِ جي لکت حمايت ڪري ڇڏي آهي. خميس ڏينهن وري شام ڌاري خبر ملي آهي ته، ” شاهه محمود قريشي جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ وفد جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات – جي ڊي اي پاران پي ٽي آءِ جي غير مشروط حمايت جو اعلان “. اها آهي سياسي ۽ غير سياسي فيصلن جي فرق واري چٽي ۽ واضع ڪهاڻي.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر جان مينگل پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سان اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيل ٽي کان وڌيڪ ملاقاتن دوران هن پنهنجا 6 مطالبا لکت ۾ پيش ڪيا. اختر مينگل جون مخالف ڌر وارن سان به ملاقاتون  ڪيون هيون ۽ انهن سان پنهنجا 6 مطالبا شيئر ڪيا هئا. اختر مينگل جي 6 مطالبن مان ٻين کي ڇڏي ڪري صرف ٻن مطالبن  تي ئي ويچارجي ته اهي هي آهن، هڪ بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن واري مسئلي کي حل ڪيو وڃي، گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر ڪيو وڃي، يا وري ڪنهن تي ڪيس (ڪنهن به نوعيت جا) داخل آهن ته، کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. اختر مينگل جو ٻيو مک مطزلب و آهي ته، افغان پناهگيرن (خاص طور تي بلوچستان ۾ ترسيل) جي افغانستان واپسي کي يقيني بڻايو وڃي.

افسوس آهي اسان جي سياستدانن تي خاص طور تي جي ڊي اي ۽ ان ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين تي. پنهنجي بهتر پوزيشن هوندي به سنڌ جي مسئلن بابت ڪو به شرط وغيرهه ناهي، بلڪل اهڙي طرح جيئن سنڌ جا اڪثر سياستدان، خاص ڪري پير مريدن کان غير مشروط طور تي ووٽ وٺندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *