Tuesday , April 23 2024

گاج ڊيم لاءِ مليل 6 ارب رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا:سنڌ حڪومت جو اعتراف

منڇر ۽ ڪينجهر جهڙيون ڍنڍون سنڌ ۾ هجڻ باوجود ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي نه ٿوملي، سنڌ حڪومت کي گاج ڊيم ٺاهڻ کان ڪنهن روڪيوآهي: چيف جسٽس گلزار احمد

گاج ڊيم لاءِ مليل 6 ارب رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا،سنڌ حڪومت جو اعتراف

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اعتراف ڪيو آهي ته، گاج ڊيم لاءِ وفاقي حڪومت پاران مليل فنڊز جا ڇهه ارب رپيا ڪرپشن جي ورچڙهي ويا آهن، چيف جسٽس، جسٽس گلزا احمد چيو آهي ته منڇر  جهڙيون ڍنڍون سنڌ ۾ آهن، ان باوجود به سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشانن آهن، ڇا وڏو وزير ان ڪرپشڻ ۾ ملوث ماڻهن خلاف اجازت ڏيندو؟ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چچيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾قائم ٽي رڪني بئنچ، پاڻي جي استعمال ۽ پاڻي جي اگهن سميت پاڻي سان لاڳاپيل معاملن بابت لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف  جسٽس سنڌ حڪوممت پاران پيش ٿيل وڪيل/لا آفيسر ۽ ٻين عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته آخرڪار سنڌ ۾ ائين ڇو ٿيندو آهي؟ منصوبن تي ڪم ۾ ايڏي دير ۽ لاپرواهي ڇو ٿيندي آهي، سنڌ صوبو ان سلسلي ۾ آخرڪار ڇو سڀني کان پوئتي آهي، رپورٽ اڃا به اوهان جي هٿن ۾ آهي، هاڻي اسان ڇا ڪريون؟ اسان ته ڪيس اُڪلائي رهيا آهيو، هي ڪيس 2018ع کان هلي رهيو آهي.

چف جسٽس سوال ڪندي چيو ته اوهان کي نئين گاج ڊئم ٺاهڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي؟. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته دنيا جهان جو گند ڪچرو به منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ وهايو پيو وڃي، اهڙيون ڍنڍون هجڻ جي باوجود به سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه پيو ملي. ان موقعي تي  جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته گاج ڊئم لاءِ وفاق طرفان جاري ڪيل 6 ارب رُپيا به گهوٻين جي نذر ٿي ويا. سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽر عدالت آڏو فنڊز ۾ گهوٻين جو اعتراف ڪندي چيو ته ائنٽي ڪرپشن کاتي 17 جوابدارن خلاف ڪاررلائي لاءِ اجازت گهري آهي، ڊپٽي سيڪريٽري جي موقف تي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد کائنس سوال ڪيو ته، ڇا سنڌ جو وڏو وزير ائنٽي ڪرپشن کي ڪارروائي جي اجازت ڏيندو؟ جنهن جو جواب ڏيندي آبپاشي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري عدالت آڏو چيو ته گاج ڊيم جي فنڊز ۾ گهوٻين جي جاچ وڏي وزير جي حڪم تي ئي شروع ٿي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *