Thursday , April 25 2024

ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ٿيو، آبادگارن هڪ ڀيرو وري رستن تي اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جو امدادي اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف سنڌ جي آبادگارن احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏڇيو آهي، لاڙڪاڻي ۾ ٿهيل اجلاس دوران 5 مئي تي سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جو اگهه مقرر نه ڪرڻ خلاف آبادگارن 5 مئي تي لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آحي. سنڌ آبادگار بورڊ جي لاڙڪاڻي ۾ عرفان جتوئي جي صدارت هيٺ گڏجاڻي دوران سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ ايگريڪلچر ڪائونسل، آبادگار اتحاد سميت آبادگارن جي ٻين تنظيمن جي نمائدن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ لاڙڪاڻي مان عبدالقدير ميمڻ، ممتاز علي جتوئي، قمبر مان محمد علي خان هڪڙو، خيرپور ميرس مان جمال محمود کهڙو، حسام شاهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.  گڏجاڻي دوران ڪڻڪ اگهن جي حوالي سان حڪومتي پاليسي خلاف غور ويچار بعد لاڙڪاڻي ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته 5 مئي تي لاڙڪاڻي جي جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 15 ضلعن جا آبادگار شرڪت ڪندا، ڌرڻي دوران سنڌ سرڪار جو علامتي جنازو ڪڍيو ويندو، هنن چيو ته آبادگار اڳواڻن چيو ته جيڪو فصل سنڌ ۾ تيار ٿئي ٿو. ان جي صحيح طرح سان پاليسي ڏيڻ ۽ مناسب اگهه مقرر ڪرڻ، آبادگارن ۽ هارين کي پنهنجي محنت جو جائزو اجورو ڏيڻ حڪومتن جو ڪم آهي. پر سارين ۽ ڪمند کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ڪڻڪ جا آبادگار به معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن، واضح رهي ته سنڌ ڪابينا جي گذريل اجلاس دوران ڪمند جو سرڪاري اگهه ته مقرر ڪيو ويو هو پر ڪڻڪ جي اگهن واري معاملي تي غور ويچار به نه ڪيو ويو هو.

سنڌ حڪومت پاران زراعت کان ڪن لاٽار، آبادگار رُلي ويا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *