Saturday , April 20 2024

ڪپتان کي گهر نه موڪليو ته ايندڙ نسل معاف نه ڪندا: آصف زرداري

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) آصف زرداري چيو آهي ته، اسان حڪومت خلاف ڪجهه نه ڪيو ۽ ڪتان کي گهرڀ يڙو نه ڪيو ته نقصان جو ازالو ڪرڻ ممڪن نه هوندو، فضل الرحمان چيو آهي ته، اسان جيڪو مودي جو يار آهي؛ غدار آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون معمول جو حصو آهن. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آصف زرداري سان سندس اسلام آداد واري گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات کانپوءِ آصف زرداري ۽ فضل الرحمان ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ڪئي. ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته، مولانا صاحب سان احترام وارو رشتو آهي پر اها خبر نه اٿم ته بزرگ هُو آهي يا مان. آصف زرداري چيو ته، اسان سڀني کي گڏجي ڪپتان کي گهر ڀيڙو ڪرڻو پوندو. آصف زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندا ۽ ڪا طاقتور قوت ائين ڪري سگهي ٿي ۽ وڏو نقصان ٿيندو جنهن جو ازالو نه ڪري سگهنداسين. نواز شرفيف سان ملاقات ڪرڻ واري سوال تي آصف زرداري چيو ته، ميان صاحب سان بلاول ملاقات ڪري چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *