Thursday , April 25 2024

ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي:اسد عمر

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته، ڪي اليڪٽرڪ جي ذ۾يواري آهي ته شهرين کي بجلي جي مڪمل فراهمي کي يقيني بڻائي، ان جي معاملن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. واپارين سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته،  27 ملڪن ۾ 95 هزار بئنڪ اڪائونٽس بابت ڄاڻ ملي آهي، ان حوالي سان قانونسازي ڪئي پئي وڃي، حڪومت صنعتي پيداوارا وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، واپارين جا مسئلا ۽ تجويزون اهم آهن، جن تي غور ڪنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته هنڊي ذريعي رقم سڌي ريت دهشتگردي ۽ غيرقانوني سرگرمين لاءِ اسعتمال ٿيندي آهي، هنڊي ۽ رقم جي منتقلي جي طريقن ملڪ ۾ تباهي پکيڙي آهي. هن چيو ته دبئي ۾ چار هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جي غيرقانوني ملڪيتن بابت پتو پيو آهي، سڀئي لاڳاپيل ادارا آن بورڊ آهن. اسد عمر چيو ته موجوده حڪومت ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ لٽيل دولت واپس ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب مان هڪ ارب ڊالر هڪ ٻن ڏينهن اندر پاڪستان اچي ويندا، ملڪ مان معاشي بحران ختم ٿيڻ وارو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 1300 ارب رپين جا ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ آهن، ٽيڪس جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ خاص عدالتون ٺهي رهيون آهن.  اسد عمر جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف سان قرض جي ٽارگيٽ جو فيصلو نه ٿيو آهي ان تي ڪم ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *