Saturday , April 20 2024

ڪوڙ ڳالهائي کٽڻ کان بهتر آهي ته سچ ڳالهائي هارائجي وڃو:فيصل رضا عابدي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي سينٽر فيصل رضا عابدي چيو آهي ته سندس حق ۽ سچ جو آواز هو جيڪو دٻايو ويو آهي، کيس لاڪ اپ ۾ سڄي رات ڪرمنلز سان گڏ رکيو ويو. اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ پوليس اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي کي توهين عدالت ۽ دهشتگردي واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل رضا عابدي کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته، عابدي صاحب اوهان پنهنجي گفتگو ۾ نرمي آڻيندا يا…؟ جنهن تي فيصل رضا عابدي جواب ڏنو ته اوهان ڪوڙ ڳالهرايو ته نرمي ئي نرمي، ڪوڙ ڳالهائي کٽڻ کان بهتر اهو آهي ته، اوهان سچ ڳالهائي هارائجي وڃو، هي سچ ۽ حق جو آواز هو، جنهن کي دباِو ويو آهي. صحافي فيصل رضا عابدي کان سوال ڪيو ته، عابدي صاحب اوهان کي هٿڪڙي لڳائي پيش ڪيو ويو پر ٻين جوابدارن کي هٿڪڙيون نه هيون ويون…؟؟ ان سوال جي جواب تي فيصل رضا عابدي چيو ته، حق ۽ سچ جو هي زيور آهي ڀائي، مونکي ڪرمنلز سان رکيو ويو، انهن ڪرمنلز سان سڄي رات گذاري.

هي آهي ان معاملي جي خبر جنهن تي فيصل رضا عابدي گرفتار آهي

ڊيمز ۽ پاڻي معاملن تي ڳالهائڻ وارو ڪيس، اڳوڻو سينيٽر فيصل رضا عابدي گرفتار

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *