Friday , March 29 2024

ڪوڙا بئنڪ کاتا: ليڊي هيلٿ ورڪر کي 1 ڪروڙ 10 لک رپيا ٽئڪس جمع ڪرائڻ جي هدايت

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي اربين رپيا مني لانڊرنگ ڪرڻ واري ڪيس ۾ هڪ ٻيو بئنڪ اڪائونٽ به سامهون اچي ويو آهي، اهڙو انڪشان ان وقت ٿيو جڏهن ايف بي آر ڪورنگي جي رهواسڻ عورت کي نوٽيس جاري ڪندي کيس هدايت ڪئي ته هوءَ هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جو ٽئڪس جمع ڪرائي ٻي صورت ۾ سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي ٿيندڙ ڳرين رقمن جي منتقلي واري سلسلي ۾ ايف آءِ کي وڌيڪ هڪ شڪايت ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت کاتي جي هڪ ملازمه ثروت ايف آءِ اي کي درخواست ڏني آهي ته سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپين جي ٽرانزيڪشنز ٿي آهي. جعلي بينڪ اڪائونٽ واري معاملي ۾ وڌيڪ هڪ عورت جي نالي تي بينڪ اڪائونٽ کولرائي ان ۾ غيرقانوني ٽرانزيڪشن جو انڪشاف ٿيو آهي. صحت کاتي جي هڪ ملازمه ثروت چيو آهي ته کيس هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جو ٽيڪس جمع ڪرائڻ جو نوٽيس ملڻ بعد خبر پئي ته سندس نالي تي ڪو بينڪ اڪائونٽ ٺهيو آهي. متاثر عورت چيو آهي ته کيس خبر نه آهي ته سندس نالي تي اڪائونٽ ڪنهن ۽ ڇا لاءِ کولرايو آهي. عورت ثروت چيو ته ايف بي آر کيس ايف آءِ اي سان رابطو ڪرڻ جو چيو آهي، هو صحت کاتي جي ملازمه آهي ۽ کيس ٻن مهينن کان پگهار به نه ملي آهي. هن چيو ته کيس خبر نه آهي ته سندس نالي تي اڪائونٽ ڪنهن ۽ ڇا لاءِ کولرايو آهي. ان سلسلي ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽ ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سنڌ سرڪار کان مختلف ڪمپنين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جي آءِ ٽي پاران سنڌ سرڪار کان انهن ڪانٽريڪٽر ڪمپنين جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي جن جي ماليت هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *