Friday , March 29 2024

ڪوٽڙي ۾ پراڻي دشمني ٻن ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ورتيون، 2 ڄڻا ڦٽجي پيا

حيدر آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪوٽڙي جي ٻَٻَر چوڪ واري علائقي ۾ هٿياربندن گهر اندر گهڙي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، ٻن سڳن ڀائرن جي حياتين جا ڏيئا اجهائي ڀڄي ويا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ڦتجي پيا. ڪوٽڙي جي چوهاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هڪ ڌري ڪوٽڙي شهر جي ٻٻر چوڪ واري علائقي ۾ چمن چوهاڻ جي گهر تي حملو ڪري گهر اندر هٿيارن جا منهن کوڳلي ڇڏيا. جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر روشن علي ۽ چمن علي چوهاڻ ٿڏي تي ئي مارجي ويا. انڌدنڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ٻه نينگر ڦٽجي پيا، جيڪي ٻئي پاڻ سئوٽ ۽ مارجي ويلن جا پٽ ٻڌايا پيا وڃن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي حملي بابت پوليس کي فوري طور تي اطلاع ڏنو پر ان روايتي سستي جو مظاهرو ڪيو ۽ دير سان واقعي واري هنڌ پهتي. علائقي واسين موجب جيڪڏهن پوليس اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچيم  وڃي هات جوابدارن کي سوگهو ڪري پي سگهي. ڪوٽڙي پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي حيدر آباد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته چوهاڻ برادري جي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي هڪ ڌر مارجي ويلن جي گهجر تي حملو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *