Friday , March 29 2024

ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس پي گهر ڀاتين سميت قتل، اغوا بعد قتل ڪيل 15 ڄڻن جا لاش هٿ

ڪوئيٽا/تربت(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان ۾ دهشتگردي، ڪوئيٽا ۾ ايس پي زال، پٽ، ننهن ۽ پوٽي سميت شهيد ٿي ويو، ڪوئيٽا ۾ ايس پي انويسٽيگيشن محمد الياس پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ گهر کان شهر وڃي رهيو هو ته نوان ڪلي واري علائقي ۾ گهات لڳائي ويٺل موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. گوليون لڳڻ ڪري ايس پي پنهنجي پٽ، ننهن ۽ پوٽي سميت ٿڏي تي شهيد ٿي ويو، سندس زال زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن سور نه سهندي فوت ٿي وئي، واقعي بعد پوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقو سيل ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. پوليس واقعي واري هنڌان شاهدن جا بيان قلمبند ڪري ڇڏيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪل دهشتگرد ايس پي جي گاڏي تي سڌي فائرنگ ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن، بلوچستان جي وڏي وزير نواب ثناءُ الله زهري ايس پي جي شهادت واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث عناصرن جي فوري گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي، هن چيو ته بزدلاڻي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

ان کان اڳ تربت ۾ دهشتگردن پنجاب جا 15 نوجوان اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيا ۽ سندن لاش جبلن تي اڇلائي ڇڏيا. تربت کان 30 ڪلو ميٽر پري بليده واري علائقي ۾ جبلن تان 15 نوجوانن جا لاش مليا، اطلاع تي انتظاميا واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تربت سول اسپتال منتقل ڪري ڪيا، جتي 11 لاشن مان چئن جي سيالڪوٽ واسي، ٽن جي منڊي بهاؤالدين، ٻن جي گجرانوالا، هڪ واهه ڪينٽ ۽ هڪ جي سڃاڻپ گجرات جي رهواسي طور ٿي وئي، چئن لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. مارجي ويلن ۾ محمد حسين، ذوالفقار، خرم شهزاد، غلام رباني، زعفران زاهد، اظهر وقاص، سيف الله، محمد اليا، عبدالغفور، طيب ۽ حسن رضا شامل آهن، جن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد سندن اباڻن ڳوٺن ڏانهن اماڻيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ ڪمشنر مڪران بشير احمد جو چوڻ آهي ته واقعو اڱاري واري رات پيش آيو، مارجي ويلن جي ڄمار 20 کان 47 سال تائين آهي، دهشتگردن کين گاڏي مان لاهي اغوا ڪرڻ بعد جبلن تي وڃي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته مقتول نوجوان غيرقانوني طريقي سان ايران رستي يورپي ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، دهشتگردن کين اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته نوجوانن کي ويجهي کان گوليون هنيون ويون. سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ جي ڌنڌي ۾ ڪيترائي بااثر ملوث آهن، ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جي جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *