Tuesday , April 23 2024

ڪوئيٽا ويجهو نوحصار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ ڀرسان ڌماڪو، 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي

ڪوئيٽا (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا ويجهو نوحصار ۾ قائم ليويز ۽ ايف سي جي ڪئمپ ڀرسان ڌاماڪي ۾ 4 جوان شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، ڌماڪي بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽس مطابق سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪوئيٽا کان لڳ ڀڳ 28 ڪلوميٽر پري نوحصار ۾ ايف سي ۽ ليويز جي ڪئمپ ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 جوان ٿڏي تي شهيد ٿي ويا. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 جوان زخمي به ٿي پيا آحن. سيڪيورٽي ذريعن موجب ڌماڪي جي فوري بعد فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچنگ شروع ڪري ڇڏي. ڌماڪي بعد امدادي ڪارروايون ڪندي سيڪيورٽي فورسز شهيد جوانن جا مڙهه ۽ ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب ابتدائي جاچ مطابق ڌماڪو آپگهاتي لڳي رهيو آهي، جنهن  جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *