Friday , April 26 2024

ڪنڌڪوٽ: پورهيتن جو پي پي ايل گئس ڪمپني خلاف احتجاج

PPL kandhkot PPL2

ڪنڌ ڪوٽ ويجهو پي پي ايل گئس ڪمپني جي پورهيتن انتظاميا جي مبينا زيادتين خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو.
پورهيتن هادي بخش گولو، زابر علي، چاڪر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ڪمپني اندر اچ وڃ بند ٿي وئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پي پي ايل گئس ڪمپني جي انتظاميا جي چرچ تي سيڪيورٽي گارڊز هڪ پورهيت محمد اسماعيل گولو کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.
هنن چيو ته گئس ڪمپني جي انتظاميا ٻاهريان ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ مقامي ماڻهن خلاف ڪارروائيون ڪري رهي آهي، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.
هنن مطالبو ڪيو ته پورهيت تي تشدد ڪندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو واڌيو ويندو……

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *