Friday , March 29 2024

ڪنڌڪوٽ: پارڪو جي گاڏي تي هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا

parco-logo

ڪنڌڪوٽ: ڪرمپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ مير واهي لڳ پارڪو لاءِ تيل پائيپ لائين جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيل سيڪورٽي ٽيم جي گاڏي تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ، گوليون لڳڻ جي ڪري شڪارپور پوليس اهلڪار خير محمد راهوجو، گاڏي ڊرائيور محمد راشد قريشي ٿڏي تي قتل ٿي ويا. ڪارروائي بعد هٿياربند آساني سان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پيٽروليم ڪمپني پارڪو جي گاڏي تي حملي جو اطلاع ملڻ بعد ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو فوري وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ڪري هٿياربندن جو پيرو کنيو جيڪو پوليس موجب گڙهي تيغو جي علائقي ۾ واردات بعد هٿياربند فرار ٿي ويا آهن، جتي پوليس ڏوهارين جي خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ گڙهي تيغي واري علائقي پهچي ڪري ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله کي آپريشن جي حوالي سان هدايتون ڏنيون واقعي ۾ قتل ٿيل ٻنهي جا لاش سول اسپتال آندا ويا. اهڙي واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو انهي حوالي سان ايس ايس پي ڊاڪٽر سميع الله سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو واردات ۾ هٿياربندن ڏوهاري ملوث آهن جن جا پيرا کڻي پوليس ڳڙهي تيغو ۾ شڪارپور، ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ گڏيل آپريشن ڪري رهي آهي واقعي ۾ جيڪي به ڏوهاري ملوث هوندا هنن کي قانون جي گرفت ۾آندو ويندو پوليس آپريشن جي مڪمل تياري ڪئي آهي.

ٻئي طرف ڪشمور/ڪنڌڪوٽ مان مقتولن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ شھيد اهلڪار خير محمد راهوجو جو مڙھ شڪارپور آندو ويو جنهن جي جنازي  نماز پوليس ھيڊ ڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس جوانن پاران سلامي پيش ڪئي وئي جنهن کانپوءِ سندس مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي اباڻي ڳوٺ لوڊرا کڻائي ويا ۽ شھيد اهلڪار کي ڳوٺ جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،جڏھن ته شھيد اهلڪار کي هڪ بيواھ ۽ 2 پٽ پونئيرن ۾ ٻُڌايا پيا وڃن،هوڏانهن ڊرائيور محمد راشد قريشي جو لاش پڻ ڪراچي نيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *