Thursday , March 28 2024

ڪنڌڪوٽ: ٻه ڌريون پاڻي جي واري تان وڙهي پيون، 5 ڄڻا قتل

kandhkot 5 killed 2

ڪنڌڪوٽ ۾ سبزوئي برادري جا ماڻهو پاڻي جي واري تان وري وڙهي پيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ پاڻي جي واري تان ٿيل لُڙ بکيڙي واري مامري تان هڪ ڌر جي ماڻهن ڇنڇر واري ڏينهن سارين جو رونبو ڪندڙن مٿان بندوقن جا منهن کولي 5 ڄڻن کان حياتيون کسي ڀڄي ويا. ڏاڍن مڙسن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.

ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارصلاح سبزوئي ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واي ۽ زمين مالڪي واري مامري جهيڙو انساني جانيون ڳڙڪائڻ تائين پهچي ويو آهي. اهڙي واقعي جي اطلاع ملندي، اي سيڪشن ايس ايڇ او گل محمد مهر وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي ۾ زخمي ٿيل گل حسن، واحد ۽ محمد بخش کي سول اسپتال آندو ويو، جتان نازڪ حالت هجڻ جي ڪري زخمين کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته قتل ٿيل ويلن ۾ وهاب، عبدالله ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، نوردين، نجم دين ۽ سائين بخش شامل آهن. قتل ٿيل پاڻ ۾ سئوٽ به آهن جن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويا، جيهڙي سبب علائقي ۾ خوف وارو ماحول بڻيل آهي، پوليس ڪارروائي ڪري 10 کان وڌيڪ مال مويشي ڪاهي آئي، جوابدارن جا گهر به ڊاهي آئي آهي.

جوابدارن ناحق اسان 5 مڙس ماري ڇڏيا:مارجي ويلن جا وارث

ڪنڌڪوٽ: مقتول عجب الدين جي پيءُ محمد حسن سبزوئي هوش ۾ اچڻ بعد  ٻڌايو ته 2 ڏينهن اڳ ۾ محمد عثمان سبزوئي واري ڌر سان زمين جي دنگ ۽ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿيو هو جنهن ۾ پوليس ٻنهي ڌرين جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو ۽ اسان پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ڇڏيو، ٺاهه باوجود محمد عثمان واري ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جا 5 ڄڻا قتل ۽ 3 زخمي ڪيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *