Friday , March 29 2024

ڪنڌرا ۾ ميگواڙ نوجوان قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيا، گهوٽڪي ۾ ناري قتل، جوابدار گرفتار نه ٿيا

روهڙي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪنڌرا ويجهو قتل ڪيل نوجوان وزير ميگهواڙ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدرن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي. گهوٽڪي ۾ آچر ڏهاڙي قتل ڪيل ناري جي قتل جو ڪيس 3 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، پر پوليس جوابدار ڳولهي ناهي سگهي. روهڙي ۾ نوجوان وزير ميگهواڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي، ميگهواڙ برادري جي ماڻهن حاڪم ميگهواڙ، نچڻ مل، هزاري مل، فرشو مل، ڪيلاش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڌرا لڳ فيض آباد ۾ ڏنڊا بردار جوابدارن گهر تي حملو ڪري سندن نوجوان وزير ميگهواڙ کي قتل ڪيو هو. هنن چيو ته واقعي جو ڪيس نديم ميگهواڙ، ميوو ۽ اوم پرڪاش سميت 11 جوابدارن خلاف ڪنڌرا ٿاڻي تي داخل ڪرايل آهي، پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته جوابدارن جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري سندن حياتين کي خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

گهوٽڪي ۾ ناري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا، پوليس ڪيس داخل ڪري ميار لاهي ڇڏي

گهوٽڪي ۾ هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ناري جي قتل جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ هٿيار بندن هٿان مارجي ويل ناري گل بانو ميراڻي جي قتل جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي  سندس ڀاءِ علي اڪبر ميراڻي جي فرياد تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. گذريل آچر ڏينهن اڳ گهوٽڪي ۾ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري لاهور کان شادي ۾ شرڪت لاءِ آيل پرڻيل ناري کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس اڄ داخل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *