Friday , March 29 2024

ڪنهن چيو ته ياد نه آهي، ڪنهن چيو ته اڪائونٽنٽ کي خبر هوندي، حقيقتون لڪايون ويون: جسٽس اعجاز الحسن

Maryam

جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مقصد وزيراعظم کي صفائي جو موقعو ڏيڻ هو پر ثبوت پيش نه ڪيا ويا، ڪنهن چيو ته ياد نه آهي، ڪنهن چيو ته اڪائونٽنٽ کي خبر هوندي، حقيقتون لڪايون ويون: جسٽس اعجاز الحسن جا رمارڪس، وزيراعظم لنڊن جي فليٽس ۾ ويندو رهيو پر کيس خبر نه آهي ته فليٽ ڪنهن جي ملڪيت آهن، اسپيڪر کي دستاويز ڏنا ويا پر اسان کي نه ڏنا ويا، چيو ويو مني ٽريل موجود آهي، پوءِ اها ڇو نه ڏني وئي؟، توهان دستاويز نه ڏيندا ته ٻيو ڪو کڻي ايندو: جسٽس اعجاز جا رمارڪس

سپريم ڪورٽ چيو آهي ته لنڊن فليٽس ۽ ملز سان نوازشريف جو تعلق نه آهي، جي آءِ ٽي دستاويز فراهم ڪندڙ ڪنهن به گواهه جو بيان قلمبند نه ڪيو، رپورٽ جي بنياد تي وزيراعظم خلاف ريفرنس داخل ڪري نه ٿو سگهجي: وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث جا دليل. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن به شامل آهن.

وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي شفاف ٽرائل نه ٿو ٿي سگهي، وزيراعظم ايف زيڊ ڪمپني کان ڪا به پگهار نه کنئي آهي. خواجا حارث چيو ته لنڊن فليٽس ۽ شگر ملز سان به نوازشريف جو ڪو به واسطو نه آهي، عدالت وزيراعظم جي تقرير ۾ تضاد بابت حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته فليٽس جو ذريعو ۽ رڪارڊ موجود آهي، فليٽن جي مليڪت ثابت ڪرڻي پوندي ۽ اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته ملڪيت هتي ثابت ڪرڻي آهي يا ٽرائل ڪورٽ ۾، صرف هڪ جواب سمورو معاملو ختم ڪري ڇڏيندو.

وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث چيو ته سپريم ڪورٽ جي سوالن ۾ نواز شريف کي مليل تحفن جو ذڪر هو ۽ عدالت نواز شريف خلاف ڪنهن ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو حڪم نه ڏنو هو. سندس چوڻ هو ته، سپريم ڪورٽ لنڊن فليٽس، قطري شهزادي جي خط، بيئررز سرٽيفڪيٽ بابت سوال پڇا ۽ جواب به گهريا ويا ها.جڏهن ته جي آءِ جي آءِ ٽي 13 سوالن سان گڏ وڌيڪ 2 سوال اٿاريا، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته اهي 2 سوال ڪهڙا آهن. وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته عدالتن ۾ ختم ٿيل ڪيسن بابت به جي آءِ ٽي جاچ ڪئي پر عدالت اهڙو ڪو به حڪم نه ڏنو هو.

جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي مني ٽريل ۽ آمدني جي ذريعن جو پهرين ڏينهن کان انتظار آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان پنهنجي جواب ۾ ڪنهن به دستاويز جي ترديد نه ڪئي آهي، توهان لاءِ در بند نه ٿا ڪيا وڃن. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم سميت سڀني کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو پر حقيقتون لڪايون ويون ۽ پڇيل سوالن جا ڪي به واضع جواب ناهن ڏنا ويا، ڪوئي چوي ٿو ته ياد ناهي، ڪوئي چوي ٿو اڪائونٽنٽ کي خبر هوندي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته  جي آءِ ٽي رڳو سفارشون پيش ڪيون، آرڊر عدالت کي جاري ڪرڻو آهي. جسٽس شيخ عظمت سعيد سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم حسن جو والد ۽ ايف زيڊي اي ڪمپني جو مالڪ ناهي.  خواجه حارث چيو ته ايف زيڊ اي ڪمپني حسن نواز جي ملڪيت آهي، وزيراعظم نه ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ نه ڪڏهن پگهار ورتي آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪي ڳالهيون جي آءِ ٽي کي پڇڻيون هيون اسان پڇي ڇڏيون، معاملو ختم ٿي ويو.جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته هو ثابت ڪندا پر عدالت ۾ ڪجهه نه ڏنو ويو آهي، وزيراعظم پاڻ دستاويز ڏيڻ واري بيان کان آجو نه ٿو ٿي سگهي.

سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف جي وڪيل کي اربع تي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *