Friday , March 29 2024

ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪيو، آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو: وزيراعظم عمران خان

ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي آمدني جا ذريعا نه پڇنداسين، 30 ارب رپين جي سبسڊي به ڏينداسين: عمران خان

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن کي اڏاوتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته جيڪو به ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو ان کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو، 90 سيڪڙو ٽئڪسز ۾ به ڇوٽ ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال دوران ڪنسٽريڪشن جي شعبي لاءِ معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم اسلام آباد ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته، خبر ناهي ته ڪرونا جي صورتحال ڪٿي پهچندي ان جي باوجود به چوڏهين اپريل کان ڪنسٽريڪشن جو شعبو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارخانا لاڪ ڊائون جي پابندي کان آجا هوندا، ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ وڏيون رعايتون ڏئي رهيا آهيون، جيڪي اڳ ڪڏهن به نه هيون، ان شعبي تي 30 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جيڪو به سيڙپڪاراڏاوتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو ان کان آ۾دني جي ذريعن بابت ڪو به پڇاڻو نه ڪيو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته کيس ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي سڀ کان وڌيڪ پريشاني آهي ۽ انهن جو وڏو انگ ڪنسٽريڪشنن جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، انڪري 14 اپريل کانپوءِ لاڪ ڊائون جي پابندي ان تي لاڳو نه هوندي. وزيراعظم چييو تهه ملڪ ۾ ڪرائ جي گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ به پاليسي جوڙي رهيا آهيون، جلد اها به عوام آڏو پيش ڪري عملدرآمد شروع ڪيو ويوندو، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪسنٽريڪشن جي شعبي تي لاڳو مختلف ٽيڪسز گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي پاليسي جوڙي وينديون، ڪوشش هوندي ته ان شعبي ۾ جنرل سيلز ٽيڪس کي 80 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *