Thursday , March 28 2024

ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيو، شگر ملز چالو ٿيڻ بابت پاليسي واضع نه ٿي

ڪراچي( رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪمند جو في مڻ سرڪاري اگهه مقرر نه ٿي سگهيو، شگرملز به چمنيون نه ٻاريو، آبادگار ٻڌتر جو شڪار، ڪمند جي واڍي ن ه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. تفصيل مطابق سنڌ حڪومت آڪٽوبر مهينو شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ٿيڻ ۽ شگرملز کي چمنيون ٻارڙن لاءِ تياري ڪرڻ بابت سنڌ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا جنهن  جي نتيجي ۾ ڪمند جي واڍي ۽ ڪڻڪ جي پوکي وارو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ هميشه وانگر شگر ملز مالڪن ۽ زراعت کاتي پاران ملز چالو ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ڪمند جي پيڙهائي لاءِ موجود قانون مطابق پهرين آڪٽوبر يا آڪٽوبر جي پهرين هفتي دوران ئي شگر ملز جون چمنيون ٻارڙيون لازمي آهن. ان بابت وڌيڪ فيصلو زراعت کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري پاران ڪرڻو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪين ڪمشنر سميت لاڳاپيل اختيارين کي طئه ڪرڻو آهي. زراعت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري به گزريل ڪجهه سالن جيان اڃا تائين ڪمند جو في مڻ سرڪاري اگهه مقرر ناهي ڪيو، جيڪو عمل هن سال به وڏي بحران کي جنم ڏيندو. ان سلسلي ۾ جڏهن زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ سيڪريٽري آغا ظهيرالدين سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻنهي ڄڻن بابت اهو چيو ويو ته، اهي ميٽنگ ۾ ويل آهن. جنهن ڪري سرڪاري موقف ملي ناهي سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *