Friday , April 19 2024

ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ پيڙائي شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺهراءَ تي نثار کهڙو مخالف ڌر ۽ آبادگارن کان ڌڪ ڪڍي ويو..!

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ اسيمبلي ۾ ف ليگ پاران ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ ۽ پيڙائي شروع ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ واري معاملي تي سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو سميت پ  پ ايم پي ايز مخالف ڌر جي ميمبرن کان ڌڪ ڪڍي ويا، سعيد نظاماڻي پاران پيش ڪيل ٺهراءَ مان ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ پيڙهائي شروع ڪرڻ جي تاريخ وارو ذڪر کي ڪڍي ڇڏيو. اسيمبلي پرائمري اسڪولز ۾ شاگردياڻين جا بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ عورت استاد مقرر ڪرڻ جو به ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارتي جي ايم پي ايز مخالف ڌر کي سنڌ ۾ شگر ملز پاران ڪمند جي پيڙهائي شوع نه ڪرڻ  واري معاملي تي فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي سعيد نظاماڻي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيپلز پارٽي جي وزيرن ۽ ايم پي ايز سخت مخالفت ڪندي ٺهراءَ ۾ تبديل ڪري منظور ڪرائي ورتو. جنهن مان ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملز هلائڻ لاءِ وقت مقرر وارا نقطا ئي ڪڍي ڇڏيا. پيپلز پارٽي اهڙو سکڻو ٺهراءُ تڪڙ ۾ منظور ڪرائي ورتو، جنهن جو مخالف ڌر کي پتو ئي نه پئجي سگهيو.

ان دوران ف ليگ جي سعيد نظاماڻي ڳالهائيندي چيو ته پ  پ جي باني (شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ) جو نعرو هو اٽو، لٽو ۽ اجهو پر موجوده پ پ وارا ته عوام کان گرهه به کسي رهيا آهن. هن چيو ته سعيد نظاماڻي ڳالهائندي چيو ته هي صوبي جو اهم معاملو آهي پر ايوان ۾ ان تي سوال اٿارڻ نٿو ڏنو  وڃي.

سوالن جوابن دوارن سليم بندهاڻي منصوبابند واري وزير مير هزار کان سوال ڪيو ته سکر ۾ ڪهڙيون اسڪيمون مڪمل ٿيون آهن، منصوبا رڳو ڪاغذ تي نظر اچي رهيا آهن، جنهن تي صوبائي وزير موٽ ڏني ته کيس ان جو جواب ناهي، نئون سوال پڇيو وڃي. منصوبابندي واري وزير پاران انگ اکر پيش ڪيا ويا جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته 2011 ۾ تعليم کاتي جون 908 اسڪيمون ئي شروع نه ڪيون ويون، جنهن تي زبير خان چيو ته 6 سالن کانپوءِ ته اسڪيمن جي لاڳت وڌي وئي هوندي.

ايوان سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ شاگردياڻين کان بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن کي استاد مقرر ڪرڻ بابت ايم ڪيو ايم جي رعنا انصاري جو ٺهراءُ به منظور ڪيو. وقتي اسپيڪر شهلا رضا جنهن کانپوءِ اسمبلي جو اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *