Thursday , April 25 2024

ڪلڀوشن سان امڙ ۽ زال جي ملاقات قونصلر جي رسائي ناهي: پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل

اسلام آبا د( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڪلبوشن يادو سان سندس زال ۽ ماءُ جي ملاقات قونصلر رسائي نه هئي، ڪلڀوشن يادو سان ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر  موجود هو پر ملاقات واري ڪمري ۾ لڳل شيشو سائونڊ پروف هو جنهن سبب هن ڪلڀوشن سان سندس وارثن جي ٿيل ڳالهه ٻولهه نه ٻڌي. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪلڀوشن سان سندس وارثن جي ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هئي، ملاقات کي قونصلر رسائي نٿو چئي سگهجي جيڪڏهن ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي به ڪلڀوشن سان ملاقات ڪرايون ها ته اها قونصلر رسائي هجي ها. هن چيو ته ڪلڀوشن سان سندس وارثن جي ملاقات انساني بنيادن تي ڪرائي وئي، ڪلڀوشن سان سندس وارثن جي اها آخري ملاقات نه آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان چاهيو پئي ته ڪلڀوشن جي ملاقات ميڊيا ڏيکاري ۽ پاڪستان ان بابت ڀارتي ميڊيا کي به دعوت ڏني پر ڀارت پنهنجي ميڊيا کي پاڪستان اچڻ جي دعوت نه ڏني.

ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته ملاقات دوران ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مبصر طور شرڪت ڪئي، جي پي سنگهه رڳو ملاقات ڏٺي هئي کيس سندس وارثن سان ٿيل ڳالهه نه ٻڌرائي وئي، کيس ملاقات جو موقعو ڏيون ها ته اها قونصلر رسائي هجي ها. پاڪستان وٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، اسان چاهيو ته ڪلڀوشن جي زال ۽ ماءُ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏين پر ڀارتي قونصل خاني ان جي اجازت نه ڏني. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته ڪلڀوشن سان سندس وارثن جي ملاقات انساني جذبي تحت مثبت پيغام ڏيڻ لاءِ ڪرائي وئي، اميد آهي ته ڀارت به مثبت جواب ڏيندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڀارتي جاسوس پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندي پڪڙيو ويو، هو 17 ڀيرا پاڪستان آيو ۽ ويو هو. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو ٽي ٽي پي جي مدد جو به اعتراف ڪري چڪو آهي. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڪلڀوشن سان ملاقات ڪرائڻ تي سندس وارثن پاڪستان جا ٿورا مڃيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *