Saturday , April 20 2024

ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتيون، سيڪريٽري رشيد سولنگي ۽ مصطفيٰ سهاڳ جي پٽن سميت 37 آفيسرن کي نوڪرين مان نيڪالي

ڪراچي ( سنڌ سماءَچار نيوز) سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ غير ڪرپشڻ ۽ غير قانوني ڀرتين جي الزامن هيٺ ليبر کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري غلام مصطفيٰ سهاڳ سميت 37 آفيسرز جي پٽن ۽  ٻين مائٽن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي آهي، جن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. مڪاني ادارن واري کاتي مان ليبر کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي، ڊي سي سجاول شوڪت جوکيو، ايڊيشنل سيڪريٽري ايڪسائيز مصطفيٰ سهاڳ ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين جي ويجھن عزيزن سوڌو 16 ۽ 17 گريڊ جا 37 آفيسر نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جي سلسلي ۾، سنڌ حڪومت جي مڪاني ادارن واري کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب کاتي ۾ سال 2011 / 2012 دوران ڪجهه ملازمن جي جعلي ڀرتين خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي عدالت آڪٽوبر 2016 ۾ ڪجهه ملازمن کي اسٽي جاري ڪيو ۽ ڪيس هلندڙ هو، 27 سيپٽمبر 2017 تي عدالت درخواستگذارن جي اهڙي پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو هو.

پٽيشن رد ٿيڻ بعد 37 ملازمن جي ڀرتي غير قانوني قرار ڏئي کين عهدن تان فارغ ڪيو ويو آهي. اهڙُ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار پاران نوڪرين مان فارغ ڪيل آفيسرز ۾ ڪوآپريشن کاتي جي سيڪريٽري رشيد سولنگي جو پُٽ ڊي ايم سي ايسٽ ڪراچي ايڊمنسٽريشن آفيسر عبدالستار سولنگي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين آغا رفيق جو پٽ ۽ ڊائريڪٽر (پارڪ) ڊي ايم سي ويسٽ آغا فهد،  ٽيڪسيشن آفيسر ساجد علي منگي جو پُٽ امداد علي منگي، ڊي ايم سي ڪورنگي جي ايڊمن برانچ جو آفيسر وڪاش پُٽ ڀَونداس، ٺٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر ذوالفقار سيال پُٽ محمد حسن، ننگر پارڪر ٽائون ڪاميٽي جو ٽائون آفيسر عبدالوحيد پُٽ شفيع محمد، خيرپور ناٿن شاھ جو چيف ميونسپل آفيسر شاھ محمد پُٽ شفيع محمد، ٽائون آفيسر علي رضا پُٽ شير محمد کيڙو به شامل آهي.

برطرف ڪيلن ۾ سنجھورو جو ٽيڪسيشن آفيسر ظهير احمد پُٽ ڌڻي بخش پنهور، ڪوٽڏيجي ٽائون ڪاميٽي جو ٽيڪسيشن آفيسر عمران خان پٽ محمد حسن، ٿرپارڪر ضلعي ڪائونسل جو آفيسر اياز احمد پٽ مولا بخش ابڙو، ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ڪاميٽي جو ٽائون آفيسر عبدالقيوم پٽ محمد رمضان مسڻ، ڊي ايم سي ڪراچي جي ايڊمن آفيسر ذوالفقار علي پٽ پير معظم الحق، خانپور ٽائون ڪاميٽي جو انڊر ٽريننگ ٽيڪسيشن آفيسر صفدر علي پٽ اصغر علي، ٽائون ڪاميٽي خانپور جو ٽائون آفيسر رضوان پٽ حاجي شهباز، ڊي ايم سي سائوٿ ڪراچي برانچ جو ايڊمن آفيسر عمران احمد پٽ نظام الدين ڀيو، ٽائون ڪاميٽي خانپور جو ٽيڪسيشن آفيسر سلطان احمد پٽ غلام نبي خان، ميرو خان جو انڊر ٽريننگ ٽيڪسيشن آفيسر عبدالحميد مينگل، ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي ٽيڪسيشن آفيسر ياسين عباسي پٽ محمد يعقوب، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٽنڊو الهيار جي ڪائونسل آفيسر عرفان کوسو پٽ رسول بخش، ڊي ايم سي ايسٽ ايڊمن برانچ جو آفيسر ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر ليبر غلام مصطفيٰ سهاڳ جو پٽ عبدالحميد سهاڳ، ٽنڊو محمد خان جو چيف ميونسپل آفيسر محمد اسحاق لنڊ پٽ گل حسن لنڊ، ٽائون ڪاميٽي ڀريا (سٽي) جو ٽائون آفيسر مرتضيٰ علي ڦلپوٽو پٽ محمد عالم، ڊي ايم سي ملير جي ايڊمن برانچ جو آفيسر اعجاز علي شاھ پٽ غلام محمد شاھ، ميونسپل ڪاميٽي شهدادپور جي ٽيڪسيشن آفيسر ماجد حسين پٽ خادم حسين، ايڇ ايم سي جو عبدالحميد شيخ پٽ الله ڏنو شيخ، آصف علي منگي، رضا علي ٿهيم، محمد ارشاد پٽ محمد الدين گِل، ميونسپل ڪاميٽي شهدادپور جو ٽيڪسيشن آفيسر محسن خان پٽ عبدالنبي خان، ڳڙهي ياسين جو ٽائون آفيسر بلاول شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *