Wednesday , April 24 2024

ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار انجنيئر نيب جي حراست ۾ فوت

نيب سکر صوبائي هاءِ ويز کاتي جي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي 3 مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو

سکر (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪرپشن جي الزامن هيٺ نيب سکر پاران گرفتار ڪيل هاءِويز جو انجنيئر نيب جي حراست ۾ فوت، وارثن پاران نيب اختيارين تي سندس علاج ڪرائڻ ۾ دير جو الزام، ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو.نيب پاران 3 مهينا اڳ گرفتار ڪيل جيڪب آباد جي ايجوڪيشن کاتي ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب پراونشل هاءِ وي جي انجنيئر مٽياري واسي اعجاز ميمڻ سکر سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. فوتي جي ڀاءُ آفتاب ميمڻ جو چوڻ آهي ته نيب پاران اعجاز کي دل ۾ تڪليف ٿيڻ سبب سينٽرل جيل مان اين آءِ سي وي ڊي سکر منتقل ڪيو ويو. اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽرن چيو ته هن کي دل ۾ نه پر سيني ۾ تڪليف آهي، کيس سول اسپتال کڻي وڃو. فوتي جي ڀاءُ آفتاب ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جي چوڻ تي اعجاز کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو. فوتي انجنيئر جي ڀاءُ آفتاب ميمڻ جو الزام هنيو آهي ته سندس ڀاءُ نيب ۽ سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿيو آهي. واضح رهي فوتي انجنيئر مٿان ورڪس کاتي ۾ 9 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جو الزام هو، جنهن ڪري کيس 3 مهينا اڳ گرفتار ڪيو ويو هو.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *