Saturday , April 20 2024

ڪرونا کان بچڻ لاءِ سنڌ ۾ 15ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو، ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ۽ ڏنڊ لاڳو ڪري سگهبو

وزيراعظم عمران خان لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪري ڇڏي

پاڪستان ۾ اٽلي جهڙي صورتحال ناهي آئي جو لاڪ ڊائون ڪيو وڃي:وزيراعظم عمران خان

ڪراچي / اسلام آباد ( چيف رپورٽر / خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) ڪرونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو سخت فيصلو اڄ کان ٻن هفتن لاءِ صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو، وزيراعظم عمران خان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته اسان وٽ اڃا اٽلي جهڙي صورتحال ناهي.  سنڌ جي وڏي وزير ڪرونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سخت فيصلو ڪندي سڄي سنڌ ۾ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ 23 مارچ / اڄ سومر کان 7 اپريل تائين لاڪ ڊائون  هوندو، رات ٻارهين وڳي لاڪ ڊائون لاڳو ٿيڻ شرط پوليس سان گڏ رينجرز به رستن اچي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي وڊيو پيغام ۽ ڪرونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، مڪمل لاڪ ڊائون طرف وڃڻ جو فيصلو ايترو آسان نه هو پر، ڪرونا جي وبا وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ لاڪڊ ڊائون انتهائي ضروري هو، اسان کي اهو احساس آهي ته عوام کي ان سان ڏکيائيون پيش اينديون پر ڪرونا جي وبا وڌيڪ پکڙجڻ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته، اميد ڪيون ٿا ته عوام لاڪ ڊائون ۾ مڪمل سهڪار ڪندو.

وڏي وزير چيو ته لاڪ ڊائون دوران سيڌي سامان، سبزين، جا دڪان کليل رهندا، ميڊيڪل اسٽورز بند نه ٿيندا، مريض کي اسپتال نيئڻ يا واپس گهر وٺي وڃڻ لاءِ 3 ماڻهو ان سان گڏ وڃي سگهن ٿا، هڪ گاڏي ۾ ڊرائيور سميت 2 ماڻهو سوار ٿيڻ جي اجازت آهي، پيٽرول پمپس به کليل هوندا. سيڌو سامان وٺڻ لاءِ گهر جو هڪ فرد ٻاهر نڪري سگهي ٿو پر ان کي اصل سڃاڻپ ڪارڊ پاڻ سان گڏ رکڻ لازمي هوندو، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارنس سان مڪمل سهڪار ڪرڻ به لاڳو هوندو. گهرو کاتي پاران لاڪ ڊائون لاءِ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، ميڙاڪن ۽ گڏجاڻين تي مڪمل طور تي پابندي لاڳو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي ڇوٽ هوندي، ڪنهن به علائقي اندر جنازي نماز يا تدفين تي ماڻهن جو هجوم نه هوندو، جنازي نماز لاءِ حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻو پوندو ۽ جنازي ۾ صرف ويجها عزيز ئي شرڪت ڪري سگهندا، هڪ ميٽر يا ٽن فوٽن تائين ماڻهن کي مفاصلو رکڻ لازمي هوندو، گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشڻ مطابق، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، سزا ۽ ڏڻ به لاڳو ڪري سگهبو. گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن مطابق،  ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو پابندي کان آجا هوندا، لازمي نوڪري ڪندڙ ماڻهن کي پابندي ۾ نرمي ملي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *