Friday , March 29 2024

ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ تعليمي ادارا 30 مئي تائين بند، امتحان به ملتوي

سنڌ ۾ تعليمي ادارا 30 مئي تائين بند رهندا، نائين ۽ ڏهين جا امتحان ملتوي

امتحانن جي نئين شيڊيول لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ 13 مارچ تي ٿيندو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس کي وڌيڪ پکڙجڻ ۽ نقصان کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت سمورن تعليمي ادارن ۾ 30هين مئي تائين موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته، ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ سبب موڪلون ڪيون ويون آهن، 16هين مارچ کان 30 مئي تائين موڪلن کي  اونهاري جي موڪلن طور ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سندس پاران سنڌ ڪابينا جي سڏايل هنگامي اجلاس ۾ ڪابينا جي ميبرن، صلاحڪار، چيف سيڪريٽري سميت تعليم ۽ ٻين کاتن جي سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام سميت ان سان لاڳاپيل ٻين معاملن تي ويچاريو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا 30 مئي تائين اڍائي مهينا بند رکيا ويندا، 16 مارچ کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين جا امتحان به نئين تاريخ جي اعلان تائين ملتوي ڪيا ويا آهن.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ سعيد غني ۽ ناصر شاهه ميڊيا کي مختصر بريفنگ ڏيندي چيو ته، سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان اڳ تعليمي ماهرن ۽ صحت جي ماهرن سان صلاح مشورن کان پوءِ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ به غور ويچار ڪيو ويو. سعيد غني چيو ته ڪرونا وائرس اچڻ شرط سنڌ حڪومت موڪل ڪئي ته اسان تي سخت تنقيد ڪئي پر وقت ثابت ڪيو ته سنڌ حڪومت جو فيصلو صحيح ۽ وقتائتو هو، هاڻي اسان جي فيصلي کي سڀئي ساراهي رهيا آهن. ٽيهين مئي تائين ڪيل موڪلون گرمين جي موڪلن طور ليکيون وينديون. هن چيو ته 13 مارچ جمعي ڏينهن تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏايو آهي، ان ۾ ملتوي ڪيل امتحانن جي نئين تاريخ بابت غور ڪري فيصلو ڪيو ويندو، اميد آهي ته ڪرونا وائرس تي ضابطو اچي ويندو ۽ ان دوران امتحانن جي تاريخ جو شيڊيول جاري ڪري سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *