Saturday , April 20 2024

ڪرونا وائرس جي روڪٿام، صحت کاتي کي گرمي وڌڻ جو انتظار

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ عام ماڻهو ڪنهن وزير، مشير ۽ سيڪريٽري جي آفيس نه اچي سگهندا

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار ) سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ صحت کاتي کي گرمين اچڻ جو انتظار آهي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ عام ماڻهن جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، ڪرونا وائرس گرمين ۾ ختم ٿي ويندو، موسم اڃا ٿڌي آهي انڪري ڪجهه ڪيسز ظاهر ٿيا  آهن، اميد آهي ته گرمي پد وڌندو ۽ ڪرونا وائرس پاڻ ئي ختم ٿي ويندو. ٻئي پاسي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ وزيرن، مختلف کاتن جي سيڪريٽريز جي آفيس ۾ عام ماڻهن جي داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

وڏي وزير جو ڀيڻيويو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، مريضن جو انگ 27 کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *