Thursday , March 28 2024

ڪرونا وائرس جي روڪٿام،سنڌ ۾ اڄ کان شاپنگ مالز، هوٽلز ۽ تفريحي ماڳ بند

سنڌ ۾ اڄ کان شاپنگ مالز، هوٽلز ۽ تفريحي ماڳ 15ڏينهن لاءِ بند، سڀاڻي خميس کان سرڪاري آفيسون به بند رهنديون

سيڌي سامان جا دڪان، سبزين ۽ فروٽ جا دڪان کليل رهندا

سڀاڻي خميس کان ڪراچي مان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ به بند رهندو

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ تيزي سان وڌندڙ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران سخت فيصلا، اڄ کان صوبي ۾ سمورا شاپنگ سينٽرز، هوٽلز، تفريحي ماڳ ٻن هفتن لاءِ بند، عام واهپي جي شين سميت سبزي، فروٽ جا دڪان کليل رهندا، سڀاڻي خميس کان سرڪاري آفيسون به بند رهنديون. وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهيءَ جي اجلاس ۾ ڪرونا جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي اجلاس دوران صوبي اندر 15 ڏينهن لاءِ شاپنگ مالز، هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪرونا کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهيون، اسان جو ڪوشش آهي ته عوام کي گهرن تائين محدود ڪرڻ چاهيون ته، انتهائي ضرورت جي صورت کانسواءِ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، ان جا معاشي ۽ انتظامي سطح تي خراب اثر پوندا پر ڪرونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ان کانسواءِ ڪو ٻيو دڳ به ناهي.

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته، ڪريانه جا دڪان، مڇي مارڪيٽس، ڀاڄين ۽ ميون سوڌو عام واهپي جي شين جا دڪان کُليل رهندا، جيڪڏهن انهن دڪانن جا مالڪ چاهين ته پنهنجا دڪان 24 ئي ڪلاڪ کليل رکي سگهن ٿا. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ پبلڪ پارڪس ۽ سموريون سرڪاري آفيسز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري 19 مارچ خميس کان سرڪاري آفيسز مڪمل طور بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. اُن کانسواءِ فائيو اسٽار هوٽلن جا ريسٽورنٽس به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي عام ماڻهو وڃي نه سگهندا پر آن لائين يا فون ڪري کاڌي پيتي جون شيون گهرائي سگهن ٿا، جڏهن ته شاپنگ مالز ۾ اسٽورز کُليل رهندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي شهر کان ملڪ جي ٻين شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽ تي به پابندي لڳائي ويندي، انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي 19هين مارچ / سڀاڻي خميس کان لاڳو ٿي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *