Friday , March 29 2024

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو

پاڪستان ۾ مريضن جو مجموعي انگ 3977 تائين پهچي ويو

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ سميت سڄي ملڪ خاص  طور تي پنجاب ۾ ڪرونا وائرس  تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، وائرس مقامي سطح تي پکڙجڻ سبب صورتحال  خراب ٿيڻ جو امڪان وڌي  ويو آهي، سنڌ حڪومت  جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نه رڳو سنڌ پر ودداقي  سطح تي به وائرس ۾ مبتلا  مريضن جا انگ اکر لڪايا پپيا وڃن، گذريل سومر ڏينهن رات 8 وڳي تائين 210 نوان مريض ظاهر ٿي چڪا هئا، ملڪ ۾ وائرس متاثرن جو مجموعي انگ وڌي 3 هزار 977 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪرونا وائرس ڏينهون ڏينهن تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، صوبائي توڙي وفاقي  حڪومت جون لاڳاپيل اختياريون انگ اکر لڪائي  رهييون آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سومر ڏينهن رات جو  اٺين وڳي تائين 88 نوان ڪيس ظاهر ٿي چڪا هئا، جن کي حڪومت اڳ جيان ظاهر ناهي ڪيو، پر ڪجهه ڪيسز جي تصديق جو ڄاڻائي اصل انگ لڪايو ويو آهي، جڪو اڱري تي منجهند جو 2 وڳي کانپوءِ ظاهر ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سومر تي رات جو دير تائين سنڌ ۾ وائرس متاثرن جو مجموعي انگ هڪ هزار 20 ٿي ويو هو. سنڌ حڪومت جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي، حيدر آباد ۽ لاڙڪاڻي سميت مختلف شهرن ۾ وائرس جي مريضن ۾ مقامي سطح تي منتقلي ٿي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران صورتحل وڌيڪ خراب ٿيڻ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ سنڌ  حڪومت جي هڪ ڪاموري جو چوڻ هو ته انگ اکر رڳو سنڌ حڪومت نه پئي لڪائي پر پنجاب، ڪي پي، بلوچستان ۽ خاص طور تي آزاد ڪشمير ۾ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل ادارن جي هدايتن تحت ئي لڪايو پيو وڃو، انهن ادارن جو چوڻ آهي ته اڌمريضن جو تيزي سان وڌندڙ تعداد ظاهر ڪرڻ سان ماڻهن ۾ خوف پيدا ٿيندو، هن چيو ته اهڙي سوچ اڃا وڌيڪ خراب صورتحال ٿي سگهي ٿي، ڇو ته ماڻهو اهو سمجهندا ته وائرس ۾ ڪمي اچي رهي آهي ۽ اهي لاڪ ڊائو توڙي ان کان بچڻ لاءِ ٻيا قدم کڻڻ گهٽائي ڇڏيندا.

ان سلسلي ۾ پنجاب جي صورتحال بابت صحت واري وفاقي وزارت جي ذريعن رابطي ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، گرمي پد ۾ واڌ سان ڪرونا وائرس ختم يا گهٽجي وڃڻ وارين ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناهي، پنجاب ۾ ڪرونا وارس تمام گهڻي تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي، پر وائرس ۾ مبتلا مريضن جا صحيح انگ اکر عوام آڏو نه پيا آندا وڃن، پنجاب جي جهنگ، فيصل آباد، ملتان، راولپنڊي، لاهور، گجرانوالا سميت ٻين شهرن ۾ به وائرس جا اڻڳڻيا مريض موجود آهن، جن کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، هن ٻڌايو ته ڏورانهن علائقن ۾ وائرس جا مريض به موجود آهن پر انهن تائين وري صحت کاتي جي اختيارين جي رسائي ناهي ۽ ماڻهن کي ڄاڻ نه هجڻ سبب ان کي نظر انداز ڪري رهيا آهن ۽ قوت مدافعت ۽ زڪام، نزلي ۽ کنگهه جي ديسي علاج سبب انهن تي ايڏو زورائتو اثر نه پيو ڪري ۽ ماڻهو صحتياب به ٿي وڃن ٿا، ان ڳالهه کي وري صحت کاتي جون اختياريون ۽ صحت جا ماهر به نظر انداز ڪري رهيا آهن.

ڪرونا وائرس بابت سرڪاري انگن اکر ڇا ٿا ٻڌائين ٿا

وفاقي حڪومت جي ماتحت اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق پنجاب ۾ 1918، سنڌ ۾ 932، ڪي پي ۾ 405، بلوچستان ۾ 202، گلگت ۾ 211، اسلام آباد ۾ 82 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 16 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس متاثر مريضن جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد متاثرن جو مجموعي انگ 3 هزار 766 ٿي ويو آهي، سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ وڌي 932 ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ 2 مريض فوت ٿيڻ بعد صوبي ۾ فوتين جو انگ 17 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا وبا سبب تيزيءَ سان مريض جو انگ وڌي رهيو آهي، جنهن سان صوبي ۾ متاثرن جو انگ هڪ  هزار 918 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح پنجاب ۾ فوتين جو انگڌي 16 ٿي ويو آهي. خيبرپ پختونخوا ۾ 405 ٿي ويو آهي. فوتين جو انگ 16 آهي. بلوچستان ۾ ڪرونا جي سراڪري انگن اکرن مطابق  202ٿي ويو آهي، جن ۾ 11 کان به شامل آهن، گلگت ۾ 211 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو انگ وڌي 82 ٿي ويو آهي.آزاد ڪشمير ۾ به ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي رهيو آهي، 3 نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ مجموعي طور تي آزاد ڪشمير ۾ متاثر ٿيندڙن جو انگ 16 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *