Thursday , April 25 2024

ڪرونا وائرس، سنڌ حڪومت پاران قيدين جون 2 مهينا سزائون معاف

آءِ جي جليز سنڌ جي سمورن جيلن مان سزا يافتا قيدين جا تفصيل گهرائي ورتا، سومر کان قيدين جي آزادي جو امڪان

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ پکڙيل ڪرونا وائرس کي منهن منهن ڏيڻ ۽ روڪٿام لاءِ سنڌ سرڪار ۾ هڪ ٻيو فيصلو ڪيو ويو آهي، قيدين کي ٻن مهينن جي سزا معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، آءِ جي جيلز سنڌ نصرت مڱڻ چيو آهي ته قيدين جي سزائن ۾ معافي وارو فيصلو ڪرونا وائرس سبب ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪرونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت فيصلن جي سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ جي سمورن جيلن ۾ قيد سزايافته قيدين جي سزائن ۾ رهجي ويل 2 مهينا معاف ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. آءِ جي جيلز چيو آهي ته سنڌ جي سمورن جيلن مان سزايافتا قيدين جا تفصيل گهرايا پيا وڃن، جن به قيدين جي جي سزا ۾ باقي 2 مهينا رهجي ويا آهن انهن کي آزاد ڪيو ويندو. نصرت مڱڻ جو چوڻ هو ته سزائن جي معافي بابت قانوني گهرجون به مڪمل ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته ڪوشش آهي ته ته اهو مرحلو جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، اميد آهي ته يندڙ سومر کان قيدين جي آزادي شروع ٿي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *