Saturday , April 20 2024

ڪرونا جي روڪٿام، فنڊز جي کوٽ، وڏي وزير پاران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌ سماچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت مالي پريشانين جي ور چڙهي وئي، وفاقي حڪومت پاران ڪو به سهڪار نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ وڏي وزير ٽي ارب رپين جو ڪرونا فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري فنڊ ۾ جمع ڪيا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، ڪرونا فنڊ ۾ هن / وڏي وزير سميت صوبائي ڪابينا جا ميمبر، صلاحڪار، خاص معاون ۽ 21هين گريڊ جا آفيسر پنهنجي اڌ پگهار فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. چيف سيڪريٽري، آءِ جي ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي به پنهنجي پوري پگهار فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا، ميئر ڪراچي به پنهنجي پوري پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب هين جي آفيسرن جي اڌ پگهار، 17 هين کان 20 هين گريڊ تائين وارن آفيسرن جي 10 سيڪڙو ۽ گريڊ هڪ کان 16 گريڊ تائين وارن ملازمن جي 5 سيڪڙو پگهار ڪٽي ويندي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته فنڊ خرچ ڪرڻ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ 2 سرڪاري ۽ 3 نجي سيڪٽر مان هوندا، جن ۾ چيف سيڪريٽري، ناڻي وارو سيڪريٽري، انڊس اسپتال جو ڊاڪٽر عبدالباري، فيصل ايڌي ۽ مشتاق ڇيپا ميمبر هوندا. ڪميٽي ڪورونا جي حوالي سان سمورا خرچ ڪرڻ لاءِ بااختيار هوندي، ڪورونا جي فنڊ لاءِ اڪائونڊ کوليو پيو وڃي. جنهن ۾ سرندي وارا به چندو ڏئي سگهن ٿا، هر چيڪ تي 2 صحيحيون هونديون، هڪ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ٻي نجي ميمبر جي هوندي، بيان موجب اهو فنڊ 3 بلين رپين جو هوندو، وڏي وزير رليف فنڊ مان هڪ بلين رپيا ٽرانسفر ڪري ڪورونا فنڊ جي اڪائونٽ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *