Friday , April 26 2024

ڪرم لله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جو قتل ڪيس: سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو بيڏوهي آهن-پير محمد شاهه جي جاچ رپورٽ

نوشهرو فيروز(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميهڙ ۾ قتل ڪيل يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو، مختيار ۽ ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدر آباد سيد پير محمد شاهه سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻٻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو کي مڪمل طور تي بيڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پير محمد شاهه اهڙو چالان به نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرائي ڇڏيو آهي. ڪيس جي عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ چيو ويو آهي ته، ڪيس جي جاچ دوران قلم 169 سي آر پي سي تحت ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايل برهان چانڊيو مڪمل طور تي بيڏوهي آهي، جنهن تي ايف آءِ آر ۾ لڳايل الزام غلط آهن. پير محمد شاهه پارا ڪيل جاچ  ۽ ان بنياد تي پيش ڪيل چالان ۾، ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل پ پ ايم ايم پي اي سردار چانڊيو بابت چيو ويو آهي ته، سي آر پي سي جي قلم 497 تحت سردار چانڊيو خلاف ڪو به ثبوت ناهي مليو. جاچ آفيسر پيرمحمد شاهه پاران ڪيل جاچ ۽ عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ چيو ويو آهي ته، برهان ۽ سردار چانڊيو جيئن ته بيڏوهي آهن انڪري انهن ٻنهي ڄڻن جا نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪيا ويا آهن. چالان ۾ چيو ويو آهي ته، ايف آءِ آر ۾ نامزد ٻن جوابدارن علي گوهر چانڊيو ۽ سڪندر چانڊيو گرفتار ڪيل آهن. چالان ۾ ٻن جوابدارن غلام مرتضيٰ ۽ ذوالفقار چانڊيو کي ڀڳوڙو/مفرور قرار ڏنو ويو آهي.

ميهڙ: مقتول ڪرم الله،ڪابل ۽ مختيار چانڊيو جي حياتي جون تصويرون

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *