Wednesday , April 24 2024

ڪراچي ۾ ڪرونا متاثر 2 پيرسن فوت، سنڌ ۾ 530 ۽ پنجاب ۾ 700 کان وڌيڪ متاثر

ڪراچي ۾ ڪرونا متاثر 2 پيرسن فوت، پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر، سنڌ ۾ 530 وڌيڪ متاثر هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار)  ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ڪراچي واسي 2 پيرسن فوت، سنڌ ۾ فوتين جو انگ 3 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 530 ۽ پنجاب ۾ 700 کان وڌي ويو آهي، ڪراچي جي ٻن اسپتالن ۾ داخل ڪرونا وائرس جا 2 مريض علاج دوران فوت ٿي ويا آهن، صحت کاتي جي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو  تصديق ڪندي چيو آهي ته، ڪرونا وائرس وگهي فوت ٿي ويل ٻئي متاثر پيرسن هئا، هڪ فوتي جي عمر 80 ۽ ٻيو 70 سالن جو هو، عذرا پيچوهو موجب ٻنهي فوتين کي ٻيون بيماريون به هيون.

سنڌ ۾ ڪرونا جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي، صورتحال ۾ بهتري بدران معاملو اڃا وڌيڪ خراب ٿي رهيو آهي، جنهن جو مک ڪارڻ عوام پاران حڪومتي قدمن جي پوئواري نه ڪرڻ آهي. صحت کاتي جي اهم ذميوار سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ آچر ڏينهن  29مارچ صبح جو نائين وڳي تائين ڪرونا متاثرن جو انگ 530 کان وڌيڪ آهي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ انگ ڪراچي ۽ سکر (ڪورنٽينا سينٽر ۾ رکيل زائرين ) ۾ آهي.

ڪرونا وائرس جي جي پکڙجڻ ۽ مريضن جي انگن اکرن بابت سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق هن وقت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، جتي 28 مارچ (گذريل ڏينهن) تائين مريضن جو اصل انگ 700 کان وڌيڪ موجود آحي، جنهن بابت صحت کاتيو پنجاب مڪمل طور تي باخبر آهي، صحت کاتي پنجاب جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس  پنجاب کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو آهي، جنهن جو مک  ڪارڻ اهو آهي ته پنجاب حڪومت ڪرونا کان بچڻ لاءِ تڪڙا قدم نه کنيا، صحت کاتي پنجاب جي ذريعن موجب، هن وقت هڪ محتاط اندازي مطابق پنجاب ۾ 780 مريض موجود آهن، 80 مريضن جو واسطو رحيم يارخان، بهاولپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثرن جو واسطو پوش علائقن سان آهي، جتي ڪرونا متاثر پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ٿا ڪن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪيترائي ڪامورا، سندن گهر ڀاتي ۽ ڪجهه سياستدان به ڪرونا ۾ مبتلا آهن، اسلام آباد ۽ لاهور جون 4 کان وڌيڪ حڪومتي بااثر شخصيتن کي 4 ڏينهن اڳ ڪرونا وائرس هجڻ جي  تصديق ٿي هئي، پر انهن جي ڪرونا ۾ متاثر هجڻ جي ترديد ڪئي پئي وڃي ۽ سرڪاري سطح تي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *