Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ کي ٻنجو نه آيو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ کي ٻنجو نه اچي سگهيو آهي، اورنگي ٽائون واري علائقي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي اڌ مُئو ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران پوليس تي ئي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ڪٽ هوٽل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن ڊيوٽي تي موجود اهلڪار حبيب الله کي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ اهلڪار کي مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو ڦٽجي پيو، جنهن کي امدادي رضاڪار قطر اسپتال کڻي ويا، جتي گهڻو رت وهي وڃڻ ۽ زخمن جي سٽ نه سهندي هن دم ڏنو. پوليس موجب مقتول اهلڪار ٻن ٻين جوانن سان گڏ معمول جي گشت تي هو ته هٿيابندن کيس گولين جو نشانو بڻايو. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول اهلڪار اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي چوڪي طوري بنگش تي مقرر هو، سندس عمر 55 ورهين هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته، هٿياربندن واقعي ۾ نائين ايم ايم پسٽل استعمال ڪيو آهي. واقعي بعد پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري جاچ شروع ڪري ڏني. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايڊيشنل آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. مراد علي شاهه چيو ته آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جو اهلڪارن تي حملا رڪجي نه سگھيا، تازو 3 اهلڪارن جي قتل جا واقعا پيش اچي چڪا، هي چوٿون واقعو آهي. وڏي وزير حڪم ڪيو ته واقعي جي گھڻ رخي جاچ ڪئي وڃي ته اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ آخر ڪهڙا گروپ ملوث آهن؟ هن چيو ته شهيد اهلڪار کي اڪيلو نه ڇڏيو نه ويندو. هوڏانهن آءِ جي سنڌ به واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اولهه کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *