Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ نالن تي به مارڪيٽ ٺهيا ويا آهن، شهر جو اصل ماسٽر پلان پيش ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) ڪراچي شهر ۾ نالي تي مارڪيٽ قائم ڪرڻ واري ڪيس ۾ ادارن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ ڪراچي جو اصل ماسٽر پلان طلب ڪري ورتو آهي، جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ادان جو ڪم نالن تي دڪان ٺاهي مال ڪمائڻ رهجي ويو آهي، ڀڳڙن مٺ پيسن لاءِ شهر تباهه نه ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ شهر جي پي اي سي ايڇ ايس سوسائيٽي جي نالي تي مارڪيٽ قائم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر ڪراچي ماسٽر پلان کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪراچي سان ڇا ڪري رهيا آهيو، هتان کان سڌو جيل موڪلي ڇڏيون ڇا؟

عدالت رمارڪس ڏنا ته شهرين جي ساهه کڻڻ لاءِ به جاءِ ناهي ڇڏي وئي، هاڻ نالي تي حد دخليون اڏي شهر کي ٻوڙڻ جو پلان ڪيو پيو وڃي. جسٽس گلزار رمارڪس ڏنا ته سرڪاري ادارن جو ڪم نالن تي دڪان ٺاهي مال ڪمائڻ رهجي ويو آهي، هر روڊ تي مٽي ۽ گندگي جا ڍير لڳل آهن، ڀڳڙن مٺ پيسن لاءِ شهر کي تباهه نه ڪيو. ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ان حوالي سان منع نامو ختم ڪيو وڃي. عدالت موٽ ۾ رمارڪس ڏنا ته شهر کي انهن ادارن حوالي نٿا ڪري سگهون، شهر جو اصل ماسٽر پلان پيش ڪيو وڃي ۽ نالي جي ايراضي تي قائم ڪيل حد دخلين کي خالي ڪرايو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *