Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ مستقل بنيادن تي رينجرز نه ٿا رکي سگهون: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته، سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، ڪراچي جو امن انتهائي ضروري آهي پر مستقل بنيادن تي رينجرز کي نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران چيو ته، اسان سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين، صوبائي حڪومت ۾ مداخلت نه ڪبي.ڪراچي ۾ امن امان قائم رهندو ته ڪاروباري سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته، ڪراچي جو امن برقرار رکڻ تمام ضروري آهي پر اسان مستقل بنيادن تي رينجرز کي ڪراچي ۾ نه ٿا رکي سگهون، ان لاءِ ضروري آهي ته س پوليس کي وڌيڪ مظبوط ۽ ان کي بهتر ڪجي. ان لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جهڙا اهم مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ان تي به ڪم ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *