Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ طوفاني مينھن، سنڌ حڪومت ۽ شھري انتظاميا جي ڪارڪردگي پڌري، روڊ رستا واھ بڻجي ويا، 5ڄڻا فوت

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي۾ سانوڻي جي ٽئين مرحلي دوران شھر جي اڪثر علائقن جا روڊ رستا ۽گھٽيون واھن ۽ شاخن جو ڏيک ڏيڻ لڳا مختلف واقعن ۾ ھڪ ٻارڙي سوڌو 5ماڻھو موت جو کاڄ بڻجي ويا. آچر ڏينهن سانوڻي جي موسم جو ٽيون دور صبح کان ئي شروع ٿي ويو، وقفي وقفي سان ھلڪي ڦڙ ڦڙ ٿيندي رهي، منجھند جو ٻارھين وڳي کان زوردار مينھن شروع ٿي ويو جيڪو ٽن پهرن جو ساڍي ٽين وڳي تائين جاري رھيو.

ڪراچي۾ مينھن دوران ۽ بعد۾ شاھ فيصل ڪالوني، ڊرگ روڊ، سميت مختلف علائقن۾ بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ ۽ روڊ حادثن ۾ ھڪ ٻارڙي سوڌو پنج ڄڻا فوت ۽10 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا، جن۾ٻارڙا به شامل آهن.

ڪراچي۾ سانوڻي جي مينھن سنڌ حڪومت ۽ شھري انتظاميا جي ڪارڪردگي پڌري ڪري ڇڏي، شھر جي اڪثر علائقن مان  برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري روڊ، رستا،گھٽيون واھن۽ شاخن جو ڏيک ڏيڻ لڳا.ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، ڪينٽ اسٽيشن، لياري، کارادر، گارڊن، گلستان جوهر، گلشن اقبال، ايئرپورٽ، ملير جا اڪثر علائقا، گلشن حديد، ماڙيپور ۾ مينھن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رستن تي ٻن کان چئن فوٽن تائين پاڻي بيهجي ويو. شاھراھ فيصل، يونيورسٽي روڊ، ايم اي جناح روڊ، راشد منهاس روڊ تي مينھن جي پاڻي۾ گاڏيون ڦاسي پيون

. ڪراچي ۾ طوفاني مينھن، سنڌ حڪومت ۽ شھري انتظاميا جي ڪارڪردگي پڌري، روڊ رستا واھ بڻجي ويا، 5ڄڻا فوت

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *