Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ سانوڻي جي مينهن جو ٻنا ٻوڙ وسڪارو، سڄي سنڌ ۾ سيپٽمبر جو مهينو مينهن وسندو رهندو

ڪراچي ۾ سانوڻي جي مينهن جو ٻنا ٻوڙ وسڪارو، سڄي سنڌ ۾ سيپٽمبر جو مهينو مينهن وسندو رهندو، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، سجاول، سيوهڻ ۽ دادو ۾ به تيز برسات

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سٺي سنڌ ۾ سانوڻي جي مينهن جو ٽيون سلسلو جاري آهي، ڪراچي، ٺٽو، بدين، سانگهڙ، دادو، سيوهڻ ۽ نوابشاهه سميت اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات هر پاسي جل ٿل ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ جاري ” ٻنا ٻوڙ“ برسات شهر جي اڪثر رستن کي شاخن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. برسات دوران ڪراچي جي شاهراهه فيصل، حبيب ابراهيم رحمت الله / ڪارساز روڊ، يونيورسٽي روڊ، شاهراهه پاڪستان، طارق روڊ ۽ مين مڪورنگي روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي، اڪثر رستن تي بيٺل پاڻي ۾ گاڏيون بند ٿي ويون ۽ اڪثر جو فيول ئي ختم ٿي ويو. ڪيترن هنڌن تي ماڻهو گاڏيون پاڻي ۾ بند ڪري فوٽ پاٿن تي پاڻي گهٽجڻ ۽ ٽريفڪ جهڪي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ضياءَ الدي احمد روڊ، آرٽس ڪائونسل روڊ، ايوان صدر روڊ، سنڌ سيڪريٽريٽ جي ڪبوتر چورنگي، سنڌ اسيمبلي وارو ڪورٽ روڊ به پاڻي هيٺ رهيو. برنس روڊ، رنڇوڙ لائن، سولجر بازار، گذدر آباد، نشتر پارڪ، لسٻيلو، پراڻي گوليمار ۾ به پاڻي رستن، رهائشي علائقن جي گهٽين ۽ رستن تي ب ه بيٺل پاڻي نيڪال ناهي ٿي  سگهو.

گارڊن، پاڪستان ڪوارٽرز، مارٽن ڪوارٽرز، جمشيد روڊ، جيل روڊ، بهادر آباد ۾ به تيز وسڪاري کانپوءِ پاڻي رستن تي بيهجي ويو. لياري جي نوان لين، ڪمڀار واڙا، چاڪيواڙا، آدم چانهن اسٽاپ، ڪلري، شاهه عبدالطيف ڀٽائي روڊ، عثمان آباد، هنڱورا آبا، کڏا مارڪيٽ ۾ به برسات جو پاڻي بيٺل آهي جيڪو اڃا تائين نيڪال ناهي ٿيو. ڪراچي ۾ برسات دوران، ڀٽائي آباد، راشدي ڳوٺ، ڌڻي بخش ڳوٺ، بختاور ڪالوني، صفوران، شاهه ڳوٺ، شر ڳوٺ، عبدالله شاهه غازي ڳوٺ، سچل ڳوٺ جي رستن تي به برسات جي پاڻي سان گڏ گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي.

سنڌ ۾ جاري سانوڻي/چوماسي جو مينهن، ٺٽي، بدين، سانگهڙ، ميرپور خاص، عمڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو، ڇور، سنجهورو، ميرپور بٺورو، گهارو، سيوهڻ، دادو، ڀان سيد آباد، سميت اڪثر علائقن ۾ برسات سبب جل ٿل ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ب رسات دوران واهن ۽ شاخن کي گهارن پوڻ ڪري به صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *