Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي ڀلائي لاءِ ڪراچي ڊولپمينٽ فورم قائم، وقار لغاري ڪوآرڊينيٽر مقرر

ڪراچي ڊيولپمينٽ فورم قائم، وقار لغاري ڪوآرڊينيٽر مقرر، ڪور ڪميٽي به جوڙي ويندي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌ سماچار) وڪيلن، صحافين، مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ  سڄاڻ شخصيتن پاران سنڌ جي وحدانيت خلاف ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪرڻ، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ذوالفقار منگي جي رهائشگاهه تي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي، جائز مسئلن، سنڌ جي وحدانيت خلاف ٿيندڙ سازشن، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار يا وفاق حوالي ڪرڻ وارين سازشن خلاف گڏيل حڪمت عملي ۽ منظم طريقي سان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اجلاس ۾ “ ڪراچي ڊيولپمينٽ فورم ” جي نالي سان پيلٽفارم جوڙيو ويو. فورم کي وڌيڪ آرگنائيز ڪرڻ لاءِ وقار لغاري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾  احمد مغل، عاجز جمالي، محمد خان شيخ، منور عالم کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي فورم جي ڪور ڪميٽي جوڙيندي جيڪا باقائدا اخلاقي ضابطو ۽ جدوجهد جو طريقيڪار جوڙڻ تائين مختلف مسئلن تي جدوجهد بابت طريقيڪار واضح ڪندي. آچر ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ ذوالفقار منگي، عرفان عالماڻي، احمد مغل، شھزاد کوکر، عاجز جمالي، سيد منور عالم، الاهي بخش بڪڪ، سينئر وڪيل محمد خان شيخ، نورالدين جمالي، شازيا ابڙو، مظفر سيلرو، عبدالخالق منگي، ايرج مرزا، عرفان عالماڻي، نعيم کوسو،مير سجاد عباسي، انصاف خان ناريجو، آصف علي عباسي، حفيظ عباسي، شبير سوھو، اڪبر سومرو، ڪامريڊ ارشاد، ظفر سيلرو، محسن جتوئي، طاھر ٻرڙو،باسط مظھر شيخ، مجيب الرحمن سھتو، عبدالرشيد، ڪامريڊ ارشاد چانڊيو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

“مصلحتن کان آجي خبر”، سنڌ سماچار هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *