Thursday , March 28 2024

ڪراچي ۾ دهشتگردي،اڻسڃاتل هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربند وري ڪَرُ کڻڻ لڳا، اورنگي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا. ڪراچي اورنگي واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي موت جو کاڄ بڻائي ڀڄي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ شفقت ۽ عبدالرحمان جي نالن سان ٿي وئي آهي، لاش کڻائي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا آهن. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون معلوم ٿي وينديون ۽ جوابدارن کي پڪڙينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *