Saturday , April 20 2024

ڪراچي ۾ به رات 3 وڳي کان سانوڻي جو ٻيو وسڪارو جاري، رستن تي پاڻي بيٺل

ڪراچي ۾ به رات 3 وڳي کان سانوڻي جو ٻيو وسڪارو جاري، اڪثر علائقن مان بجلي غائب، رستن تي پاڻي بيٺل

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ نائين ۽ ڏهين اگسٽ جي وچين رات جو دير سان سان وڻي جو ٻيو وسڪارو شروع ٿي چڪو آهي، مختلف علائقن جي رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري عيدالاضحيٰ جون خوشيون متاثر ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي. حيدر آباد، ٺٽو، بدين، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿر جي سمورن ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻ وستين کانپوءِ نيٺ ڪراچي ۾ به سان وڻي جي مينهن جو ٻيو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. نائين ۽ ڏهين اگسٽ جي وچئين رات جو لڳ ڀڳ 2 وڳي کان، ڪياماڙي، ماڙيپور، ڪلفٽن، سي ويو، صدر، گارڊن، لياري، کارادر، لياقت آباد، ڀنگوريا ڳوٺ، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ملير سٽي، ملير 15، ڀينس ڪالوني، پورٽ قاسم انڊسٽريز زون، پاڪستان اسٽيل ملز زون، گلشن حديد، گهارو ۽ ميمڻ ڳوٺ  شهر جي مختلف علائقن ۾ ڦڙ ڦڙ شروع ٿي وئي هئي، جيڪا آهستي آهستي ڪٿي تيز ته وري ڪٿي هلڪي وسڪاري ۾ تبديل ٿي وئي جيڪو سلسلو جاري آهي. ايئرپورٽ ۽ يونيورسٽي روڊ وارن علائقن ۾ پنجويهه ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات وسي چڪي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ مينهن ۽ بجلي گڏ گڏ هجڻ ڄڻ ناممڪن هوندو آهي، برسات شروع ٿيڻ سان ئي اڪثر علائقن مان بجلي غائب ٿي وئي جيڪا بحال ٿي ناهي سگهي.

بدين، ٺٽو، حيدر آباد، عمرڪوٽ، ٿر سميت مختلف علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان مينهن وسي پيو

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کانسواءِ ٻين شهرن ۾ سانوڻي جي مينهنَ جو ٻيو سلسلو گذريل ٽن ڏينهن کان جاري آهي، جتي وقفي وقفي سان ڪنهن مهل تيز ته ڪن هن وقت هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. مختلف شهرن ۾ هلڪي ۽ تيز هوا سان برسات سبب رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو. برسات سبب بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي. موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته هن ڀيري برسات 36 کان 40 ڪلاڪن تائين جاري رهي سگهي ٿي، سڀاڻي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ تيز هوا سان برسات پوڻ جو امڪان آهي. ڪلوئي ۾ هلڪي برسات پئي ۽ انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي. برسات کانپوءِ رستن ۽ مُک چوڪ تي پاڻي بيهجي ويو، ننگرپارڪر شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي ۽ ورهين کان ڏڪار جي ور چڙهيل ٿر واسين جا چهرا ٻهڪي پيا. برسات کانپوءِ ڪارونجهر جي سونهن ٻيڻي ٿي وئي آهي. ڏيپلي ۾ برسات دوران پاڻي رستن تي بيهجي ويو، ميونسپل ملازمن پگهارون نه ملڻ ڪري احتجاج طور برسات پاڻي نيڪال ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. انتظاميا به خاموش ٿي ويهي رهي ۽ نتيجي ۾ شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

شاهپور چاڪر ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو ۽ فصلن کي به نقصان جو خدشو آهي. کاهي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي آهي. نواب شاهه ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ تيز هوا سان برسات پئي آهي، هتي به پاڻي رستن تي بيهڻ ڪري شهري پريشان آهن. ڄام صاحب، سجاول، شاهبندر ۽ ڀرپاسي جي ساحلي علائقن ۾ به ڪٿي تيز هوا سان ۽ ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي. ٺٽو، ساڪرو،گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، جهمپير، اونگر، جهرڪ، جنگشاهي ۽ ٻين سامونڊي توڙي ڪوهستاني علائقن ۾ به برسات جو وسڪارو پيو آهي، جنهن کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ ماڻهن جا چهڙا ٻهڪي پيا. حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪو وسڪارو ٿيو آهي ۽ سموري شهر مٿان ڪڪر به ڇانيل آهن. شهدادپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به برسات پئي آهي، انتظاميا جي وقت سر اپاءَ نه وٺڻ سبب برساتي پاڻي رستن ۽ گهٽين تي بيهجي ويو آهي. موسمات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ٺٽو ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ آچر تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو، جنهن دوران هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويندا. ڊائريڪٽر موسميات موجب سانوڻي جي برساتن جو ٻيون سسٽم سنڌ اندر داخل ٿي چڪو آهي، جيڪو برسات جي گذريل ڀيري پيل برسات جي سلسلي کان وڌيڪ طاقتور ٿي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ سڀاڻي تيز هوا سان برسات جو امڪان آهي. گذريل ڀيري برسات جو سلسلو 24 کان 36 ڪلاڪن تائين هلندو رهيو، جڏهن ته هن ڀيري 36 کان 40 ڪلاڪن تائين برسات پوڻ جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *