Friday , April 26 2024

ڪراچي ۾ استادن تي پوليس تشدد، استادن پڙهائڻ ڇڏي ڏنو، امتحان نه وٺڻ جون تياريون

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ سنڌ جي سرڪاري اسڪولس جي استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج دوران پوليس جي لٺبازي خلاف اڄ سنڌ ۾ پڙهائي وارو عمل مڪمل طور تي بند رهيو، گسٽا پاران مطالبا منظور نه ٿيڻ جي بهاني نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان  نه وٺڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.  گذريل ڏينهن گسٽا پاران ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ دوران استادن تي تشدد خلاف گسٽا جي سڏ تي سڄي سنڌ جي سمورا سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري اسڪولن ۾ پڙهائي نه ٿي، استادن پنهنجيون ۽ شاگردن جون حاضريون هڻي ويهي رهيا. گسٽا جي صدر اشرف خاصخيلي ۽ ٻين گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ استادن تي تشدد ٿيڻ بعد اعلان ڪيو هو ته، سندن گرفتار ڪيل ساٿي استادن تي تشدد ۽ گرفتار ڪيل استادن جي آزادي لاءِ جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ پڙهائي واري عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. ان اعلان کان پوءِ، ڪراچي، حيدر آباد، سکر لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، خيرپور، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، سجاول، ٽنڊو الهيار، گهوٽڪي، جيڪب آباد، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر دادو ۽ شڪارپور ضلعن سميت سموري سنڌ جي سمورن سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. استادن اسڪولن ۾ اچڻ بعد حاضريون لڳائي ڪلاسن ۾ مانيٽرز معرفت شاگردن جون حاضريون لڳرايون  ويون.

گسٽا جي سڏ تي جاري احتجاج جي سلسلي ۾ ئي گسٽا سنڌ جي صدر اشرف خاصخيلي سن ڌ حڪومت کي اها به ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبن جي منظوري واري فيصلي جو ن وٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته استاد پهرين اپريل کان شروع ٿيندڙ نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحانن نه وٺڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته، جيڪڏپهن سندن مطالبان جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته پوءِ ميٽرڪ جي امتحانن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. اشرف خاصخيلي ۽ ٻين گسٽا اڳواڻن سنڌ حڪومت کي اهو به چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن امتحان ڪنهن ٽئين ڌر کان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ نتيجن جي ذميوار سنڌ حڪومت خاص طور تي تعليم کاتي جو وزير، سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *