Tuesday , April 16 2024

ڪراچي: ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 پوليس اهڪلار شهيد، هڪ واٽهڙو ٻارڙو به حياتي وڃائي ويٺو

korangi killedkorangi killed 2

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ واٽهڙو ٻارڙو به مارجي ويو، سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن موٽرسائيڪلز تي سوار 6 هٿياربندن فائرنگ ڪئي جن سمورن کي هيلميٽ پاتل هئا ۽ واقعي وري هنڌ تان ڀڄي ويا. ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جي گولين جا 45 خول مليا آهن، ابتدائي رپورٽ ۾ گولين جي فرانزڪ رپورٽ هٿيار اڳ ڪنهن واقعي ۾ استعمال ٿيڻ جا ثبوت نه مليا ۽ وڌيڪ جاچ هلندڙ آهي.

ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ دارالعلوم ويجهو 6 هٿياربندن عوامي ڪالوني ٿاڻي جي پوليس موبائل تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن جا مڙھ ريسڪيو ٽيمن کڻي جناح اسپتال منتقل ڪرائي ڇڏيا، جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه پوليس هيڊڪوارٽر منتقل ڪيا ويا. هٿياربندن جي پوليس موبائل تي فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو ٻارڙو به مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

korangi killed 1

پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جو اطلاع ملڻ شرط رينجرز ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪارن ۽ ٻارڙي جو مڙهه کڻائي جناح اسپتال منتقل ڪري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته، ابتدائي طور مليل ڄاڻ موجب ٽن موٽرسائيڪلز تي سوار 6 دهشتگردن پوليس موبائل تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني ۽ سمورن هٿياربندن کي هيلميٽ پاتل هئا، جيڪي فائرنگ ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. سي ٽي ڊي پوليس پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ چيو آهي ته واقعي ۾ 3 نائن ايم ايم پسٽل استعمال ڪيا ويا، واقعي واري هنڌ تان 45 خول مليا آهن، واقعي ۾ منظم ٽولو ملوث لڳي رهيو آهي.

اي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته واقعو پوليس جي ٽارگيٽ ڪلنگز جو نتيجو آهي، پوليس جي جوانن ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهم واقعن جي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي رد عمل ۾ به هي واقعو ٿي سگهي ٿو. معاملي جي وڌي جڪاچ ڪئي پئي وڃي.

ڪائونٽر ٽيررم ڊپارٽمينٽ پکوليس جي ذميوارن جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽلز جي گولين جي خولن جي ابتدائي فرانزڪ ڪئي وئي آهي، جنهن مطابق هن واقعي ۾ استعمال ڪيل هٿيار اڳ ۾ ڪنهن ٻئي واقعي ۾ استعمال ٿيڻ جا ثبوت ناهن مليا. مامري جي وڌيڪ گهڻ رخي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *